ليکڪ:گلشن لغاري

جدت ۽ قدامت جي ٻواٽي تي بيٺل سنڌ
گلشن لغاري
سنڌ ۾ چوڪرين سان ٿيندڙ اڻ ڳڻيا ھراسمينٽ جا واقعا رپورٽ ئي نہ ٿيندا آھن . ھتي تہ اڪثر والدين بہ ڳالھائڻ لاءِمجبور تڏھن ٿيندا آھن ، جڏھن ڇوڪريون قتل ٿي وينديون آھن يا آپگھات ڪري ڇڏينديون آھن . اھو بہ رڳو شھرن ۾ ٿيندو آھي ، جڏھن تہ اتر سنڌ يا مجموعي طور سنڌ جي ٻھراڙي ۾ ڪاري جو الزام ڏيئي قتل ڪري ڇڏڻ ھن ايڪيھين صدي ۾ بہ عام رواج آھي . جديد دور ۾ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي وسيلي روشن خيالي ۽ تبديلي جا اثر اسان جي سماج تي بہ پئجي رھيا آھن، پر ان عمل کي تيز بنائڻ لاءِ حڪومتي پاليسيون ۽ قانون جوڙي، انھن تي تيز رفتاري سان عمل ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي. پر افسوس تہ اھو سمورو عمل ڪاغذي ڪارروائي يا شوبازي تائين محدود آھي. ٻئي پاسي عورتن جي تعليم ، صحت ، روزگار ۽ تحفظ لاءِ رکجندڙ بجيٽن جي ڪنھن کي ڪا بہ خبر ناھي تہ واقعي ڪنھن اھڙي بجيٽ جو وجود بہ آھي يا نہ ؟ اگر اھڙو بجيٽ آھي تہ پوءِ ڪيئن خرچ ڪيو وڃي ٿو، ان بابت نہ اسان جي سياسي پارٽين ، نہ عورتن جي تنظيمن ڪڏھن حڪومت کان پڇاڻي ڪرڻ جي تڪليف ڪئي آھي. نہ وري حڪومت ڪڏھن ٻڌايو آھي تہ اھي پئسا عورتن جي بھتري ۽ ترقي جي ڪھڙن ڪمن ۾ خرچ ڪيا ويا ؟
ھن دور ۾ سوشل ميڊيا وسيلي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا جيڪو ڪجھ سکي رھيا آھن ، ان لاءِ بہ حڪومتي ادارن پاران گائيڊلائين جي ضرورت محسوس نہ ڪئي وئي آھي . ڇاڪاڻ تہ ھن وقت سڀني کان وڌيڪ اھمانفرميشن سورس سوشل ميڊيا آھي جنھنجوسڀ کان وڏو اثر نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي زندگين تي پئجي رھيو آھي . حڪومت کي ان کي سنجيدھ وٺڻ جي ضرورت آھي . سائبر ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِنوجوانن ۾ وڌندڙ نون ٽرينڊس جي مانيٽرنگ ڪرڻ ۽ ناڪاري ٽرينڊس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ھاڪاري ٽرينڊس کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي گائيڊ لائين پروگرام ۽ پاليسي ضروري آھي .
تعليمي ادارن اندر شاگردن توڙي استادن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ سختي سان لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آھي .
سڀ کان خطرناڪ صورتحال سنڌ ۾ آھي جتي لاقانونيت ۽ با اثرن جي ڌوھن کي سياسي ڪور ڏيئي لئي مٽي ڪرڻ ۾ پوليس ۽ آفيسر شاھي ملوث آھي . ڪو عام رواجي ڪم بہ با اثرن جي مرضي ۽ سفارش کان سواءِ ممڪن ناھي رھيو. بيگناھ قتل ٿيلن لاءِ انصاف تہ پري جي ڳالھ ، ايف آئي آر درج ڪرائڻ لاءِ لاش روڊن تي رکي ڌرڻا ھڻڻا پوندا آھن . جتي عام شھرين جا شھري حق ڪو وجود ئي نٿا رکن، اتي ھراسمينٽ جي ڪيس ۾ انصاف جو سوچي بہ نٿو سگھجي . ان جي باوجود ڊاڪٽرفھميدا جي والدين ، ميرپورخاص جي شھرين ،سموري سنڌ جي سياسي سماجي ڪارڪنن، ساڃاھوند عورتن ۽ مردن توڙي شاگردن کي سلام آھي جيڪي انصاف لاءِ مسلسل جدوجھد ڪري رھيا آھن .
اصل ۾ اسان جي سنڌ ھن ايڪيھين صدي جي جديد دور ۾ھڪ ٻواٽي تي ڦاٿي پئي آھي . اڄ جو سنڌي سماج ٻيڻي دٻاءُ ۾ آھي . ھڪ طرف روايتي جاگيرداراڻي طاقتورسياست ، ٻئي پاسي تيزي سان وڌندڙ ٽيڪنالاجي ۽ گلوبل ٽرينڊس. .ھڪ طرف جاگيرداراڻو اقتداري ڪلچر ۽ ٻئي طرف ميرٽ ، فرد جي آزادي ، تعليم ، ٽيڪنالاجي ۽ قانون جي بالادستي جو خواب . ان پراڻي ۽ نئين دور جي سوچن جي ويڙھاند سبب تعليم يافتا ھوندي بہ اسان جي سوچ دقيانوسي رھجي وڃي ٿي ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ باوجود جديد سوچ عمل جو روپ اختيار نٿي ڪري سگھي. بد قسمتي سان نوجوانن ۽ خاص طورڇوڪرين جي تعليم طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ بدران جديد دور ۾ بہ اڳي کان وڌيڪ رڪاوٽون پيدا ڪيون وڃن ٿيون . ان ۾ گھڻو نقصان سنڌ جي نوجوان خاص طور نئين نسل جي نينگرين جو ٿي رھيو آھي ، ڇاڪاڻ تہ انھن وٽ آزادي ۽ ترقي جا خواب تہ آھن پر انھن کي نہ سماج جي سپورٽ آھي نہ حڪومتي سسٽم جي، اھي ھن پدرشاھي سماج جي گھاڻي ۾ ٻطرفيون پيڙجي رھيون آھن.درحقيقت اھو نقصان سنڌ جو ئي ٿي رھيو آھي، ان جو ادراڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھي اسان جي ھڪ دور کان ٻئي دور
ڏانھن منتقلي جو فيز آھي .ان ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاھ آسان نہ ھوندي آھي، پر اسان ذھني طور اڃا اڻويھين صدي جي سماج ۾ ساھ کڻي رھيا آھيون .
طاقتور جاگيرداراڻي سسٽم جي مقابلي ۾ ٽيڪنالاجي تي مبني جديد نظام آڻڻ لاءِ سماج جي طاقتور حصي طرفان نوجوانن کي سپورٽ ڪرڻ بدران رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن ، ڇاڪاڻ تہ اگر اھو نظام مڪمل طور اچي ويو تہ اھو ھن بيٺل پاڻي جيان ڌپ ڪري ويل جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي ڳٺجوڙ سان ھلندڙ فرسودھ نظام کي ٽوڙي ٽڪرا ڪري ڇڏيندو . ان جو ھڪ مثال تازو ميرپورخاص ۾ ٿيندڙميڊيڪل يونيورسٽي اندر ھراسمينٽ سبب ھڪ شاگردياڻي فھميدھ لغاري جو آپگھات جو واقعو آھي ، جنھن پوري سماج کي ڇرڪائي وڌو آھي . سموري سنڌ احتجاج ڪري رھي آھي ، اڪثر حڪمران ڌر جا ڪافي حمايتي نالي وارا مرد ۽ عورتون بہ ان معاملي ۾ وڪٽم فيملي سان گڏ آھن ، پر ان جي باوجود ملزم گرفتار نٿا ٿين ۽ چيو پيو وڃي تہ اھي علائقي جي طاقتور وڏيرن جا ماڻھو آھن . اھا واردات سنڌ لاءِ نئين ناھي ، بار بار دھرائجندڙ منظر آھي جيڪو طاقتور سياسي وڏيرن پاران دھرايو ويندو رھيو آھي . ھڪ لحاظ کان ايئن چئجي تہ سياسي وڏيرا ڏوھارين جي پاٿاريداري ڪري رھيا آھن .
سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي صورتحال سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي بھتر ناھي . سنڌ ۾ عورتن جي تعليم جو ريشو 45 سيڪڙو آھي ، جنھن مان اڪثريت شھرن جي عورتن جي آھي . ٻھراڙي ۾ غربت ۽ سھولتن جي اڻھوند سبب ڇوڪرين جي تعليم 30 سيڪڙو کان بہ گھٽ آھي . اسڪولن مان ڇوڪرين جو ڊراپ آئوٽ ريشو تمام گھڻو آھي . پرائمري کان پوءِ مڊل ۽ ھاءِ اسڪول نہ ھجڻ ، غربت ۽ سماجي ڪارڻن سبب ڇوڪريون پڙھائي ڇڏي وڃن ٿيون . ان صورتحال ۾ ڪجھ سيڪڙو ڇوڪريون اھي سڀ رڪاوٽون پار ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پھچن ٿيون تہ اتي ھراسمينٽ ، بليڪ ميلنگ ۽ رشوت جي باھ جا درياھ پار ڪرڻا پون ٿا . اھي رڪاوٽون باصلاحيت ڇوڪرين کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ وڇايل ڪنھن ڄار وانگي لڳن ٿيون .سنڌ جي حڪمران پارٽي چاھي تہ ڇوڪرين جي تعليم ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجھ ڪري سگھي ٿي ، پر ڇو نٿي ڪري ؟ اھو سوال پڇڻ جي جرئت ڪنھن ۾ آھي ؟.

ڪوئي تبصرو نه مليو.

Share

Leave a Comment

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *

Scroll to Top