تعليم

.پاڻ بينظير انڪم سپورٽ واري زماني جا ماڻھو آھيو
اپريل 13, 2026
12:35 منجهند بعد
تاثرات غير موجود
ليکڪ: ڳالھ جو مُنڍ اِتان ٿا پڪڙيون تہ، پاڪستان ۾ 119 يونيورسٽيون فيلسوفيءَ ۾ ڊاڪٽر ھجڻ جي ڊگري عطا ڪن پيون. ھڪڙي ڪاٿي موجب ملڪ اندر فلاسفر ڊاڪٽرن جو انگ 32 ھزارن کان چڙھي ھليو آھي. اِھا ٻي ڳالھ آھي تہ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري سڀ ڪو پيو ڪري. ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ دوست ٻڌايو تہ ”انتھائي خوشحال ڪاروباري گھراڻي جي ھڪ نينگريءَ جيڪا سرڪاري نوڪري پئي ڪري تنھن پي ايڇ ڊي شاگرد طور ھڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ڪرائي آھي، تہ جيئن پگھار ۾ چوکو اضافو ٿي سگھيس، مگر تحقيق جو طريقو ۽ تحقيق کي لکڻ جو ھنر کيس