.


ليکڪ خالدڪنڀار
ڪروڌڻ جيڏي سھڻي ھئي. ايڏي اڪيلي ھئي.
ھن جي جواني جن بـ ڏٺي ھئي. اھي مايون اڃان بـ جڏھن ھن جي ڳالھ ڪنديون آھن، تـ ،انھن ماين جي ڳالھين ۾ لفظن کان وڌيڪ ڳالھيون ڪندڙ ماين جون اکيون ۽ ڳل ڳالھائيندا آھن. اکيون چمڪيون آھن ۽ ڳل ڳاڙھا ٿي ويندا آھن . ھنن وٽ ڪو لفظ ناھي ھوندو جيڪو ھن جي حسن کي بيان ڪري سگھي.
ھو جھڙي سھڻي ھئي. اھڙا وري ويس وڳا پائيندي ھئي اڄ بـ جن ماين ھن کي جواني ۾ ڏٺو ھو اھي ھن جي حسن سان گڏ ھن جي ويس وڳن جو بـ ايترو ئي ذڪر ڪنديون آھن .ھو ھن جي ھر اڻسار تي ڳالھائينديون آھن. ھو چون ٿيون ھو جيتري سھڻي ھئي. جيترو اوڍڻ پھرڻ جو شونقين ھئي. ايتري ئي وڏي ڪروڌڻ ھئي. ايڏي ئي وڏي گاريال ھئي.
ڪڏھن بـ مائيٽاڻي شھر عمرڪوٽ جي ڪپڙي کان سواءِ تن تي ٻي ڪنھن شھر جو ڪپڙو ڪونـ پاتو. گھاگھرو ۽ ڪنجري ھن جو ويس ھو. اڪثر ڪري ھو “ڪڙياڙو سائي وٽ گھاگھرو ”پائيندي ھئي. يا وري “مينا گھاگھرو” پائيندي ھئي. اھو گھاگھرو اڪثر ڪري انھي وقت ٿر ۾ ڪنوارون شادي جي رات پائينديون آھن .ھاڻ شايد ٿر جي گھڻين عورتن کي انھن گھاگھرن جي خبر بـ نـ ھجي تـ ڪڙياڙو سائي وٽ وارو گھاگھرو يا مينا گھاگھرو ڇا ٿيندو آھي.
اھي سڀ ويس وڳا ھن جا تيستائين ھئا جيستائين مڙس جيئرو ھو .ھن جو مڙس ھن جي حسن جي جلوي سان ئي جيئرو ھو. جيئن ھن جو حسن جو جلوو جھڪو ٿيو. ھن جي وھي موٽ کائڻ لڳي تـ انھي کان پوءِ ھو سگھو ئي مري ويو. شايد ھن جي مڙس کي ھن جو حسن ئي جيئرو رکي ويٺو ھو .
مايون ڳالھ ٿيون ڪن تـ جيستائين ٿر جي ڳوٺ ۾ ويٺي ھئي تيستائين صبوح جو” وارو“ ڀلي ڇٽي وڃي پر پاڙي جي ڪا بـ عورت گھڙو کڻي اڪيلي کوھ تي ڪونـ نڪرندي ھئي. ھو مشھور گاريال ھئي. اگر ڪا عورت گھڙو کڻي ھن کان اڳ ۾ رواني ٿيندي ھئي تـ ھو انھي عورت کي گارين سان ڏرڙي ڇڏيندي ھئي. پر جڏھن سڀ کان پھرئين ھو گھڙو کڻي رواني ٿيندي ھئي تـ پٺيان پاڙي جي پاڻيھارن عورتن جي قطار جڙي پوندي ھئي. جھڙي ڪونجن جي قطار ھجي.
ايڪھتر جي جنگ لڳي تـ ھي ساھوراڻو ڳوٺ ڇڏي اچي اسان جي ڳوٺ نھٽي ۾ ويٺي. مڙس مٽي جو بادشاھ ڪاريگر ھو . ھن جو چڪ گھمندو ھو تـ زندگي چرکو پيو ھلندو ھو . مڙس مري ويو تـ ھن ڪڙياڙا سائي وٽ وارا ۽ مينا گھاگھرا پھرڻ ئي ڇڏي ڏنا. پوءِ ڪنجري تـ ھن جي تن تي آخر تائين رھي ۽ گھاگھري جي جڳھ تي گربي جي شلوار اچي وئي. ھن جو ھٺ ھن کان ويو ھليو ھن کان سڀ گاريون وسري ويون . ھاڻ ھو ڏاڍي مائي ڏاڍي مائي ڪونـ رھي ھئي .
ايڪھتر ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺي تـ جنگ جي ڪري ھئي پر مڙس ھتي مري ويو . انھي ڪري ھن جي ڳوٺ جا ٻِيا ماڻھو واپس پئي ويا تـ ھي واپس ڪونـ وئي. ھتي ئي ويھي رھي. ھتي ئي مئي.
مڙس مري وڃڻ کانپوءِ ھن جي سڄِي زندگي بدلجي وئي رڳو گھاگھرا گاريون ۽ ھٺ ڪونـ ويو پر پوءِ ھو گھڻو ڪجھ وڃائي ويھي رھي. ھن جو گھر اسان جي پاڙي جي وچ ۾ ھو گھر ڇا ھو بس ھڪڙو اوڏڪو مٽي جو کڏ ھو ۽ ھڪڙو اوڏڪو رڍڻو ھو. انھي کي ننڍڙي اوڏڪي ديوار ھئي. ننڍڙو لوڙھيو گھر کي ڏنل ھو. گھر جي اڱڻ ۾ پار کان اڳتي تمام وڏي ڄار بيٺل ھئي . انھي سان لڳو لڳ ٻڪرين جو واڙو ھوندو ھو. انھي ڄار جي ھيٺان پاڙي نـ پر ڳوٺ جا ٻارڙا رمندي رمندي ڪڏھن وڏا ٿي ويندا ھئا. ھن کي انھن جي خبر ئي ڪونـ پوندي ھئي.“اھا ڄار ڳوٺ جي ٻارن لئـ ماءِ جي ھنج ھئي.” ھو انھي ڄار ھيٺان کيڏندڙ ٻارن ڏانھن ڏسندي ۽ وري اوڏڪي کڏ ۾ ھلي ويندي ھئي. ڇو ويندي ھئي ڪا خبر ناھي اوڏڪي کڏ ۾ ھڪڙي اڪيلي کٽ ھئي انھي تي سمھي رھندي ھئي. عورت ھئي ٻارن کي ڏسندي ھئي تـ شايد کا کوٽ ھئي جيڪا محسوس ڪندي ھئي.
ھي عجيب عورت ھئي. ھن جي زندگي ۾ ٻار تـ ھئا ئي ڪونـ ، نـ ھن کي ڪو اولاد ھو نـ وري ھن ڪنھن کان اولاد گھري پاليو ھو. ھن جي زندگي ۾ صرف اھي ٻار ئي ھئا جيڪي ڄار ھيٺان راند ڪندا ھئا. سڄي پاڙي ۾ انھي ڄار جو نالو ئي انھي مائي جي نالي سان ھو.
ھن جي گھر ۾ چڪ بيھ رھيو تـ چرکو بيھ رھيو . پوءِ چڪ جي جڳھ تي ھن جا ڪارب ھئا. ھن جي ڪارب تي اھي سڀ ٿانءِ گھمڻ لڳا جيڪي ڪنڀارن جون عورتون ٺاھينديون آھن. ھو مڙس جي جڳھ تـ نٿي وٺي سگھي ڇو جو مڙس مٽي جو وڏو ڪاريگر ھو . پر ھن جي ”ڪارب“ گھمڻ ۽” پلو“ پسڻ تي ھن جي ھڪڙي جندڙي جو چرکو گھمڻ لڳو . ھو جيڪي بـ ٿانءِ ٺاھيندي ھئي. اھي صرف ھڪڙي ڳوٺ ۾ وڪڻندي ھئي. ھو گھورڙيون ٿي ڳوٺ ڳوٺ ڪڏھن ڪونـ وئي. ھو جيڪي ٿانءِ ٺاھيندي ھئي. اھي پچائي مٿي تي کڻندي ھئي.ڇو جو ھن وٽ ٿانءِ کڻڻ لئـ گڏھ ڪونـ ھو. پاڙي جي ڪنھن نـ ڪنھن ٻارڙي کي پاڻ سان گڏ وٺي انھي ڳوٺ جي ڪنھن ھڪڙي گھر ۾ مٿي تان ٿانءِ لاھي وڃي ويھندي رھندي ھئي ۽ جيڪو ملندو ھئس اھو ھڪڙي جندڙي لئـ ڪافي ھو.
منھنجي يادگيرين ۾ اھا عورت اڃان بـ آھي . ھو جڏھن صفا جھور پوڙھي ٿي وئي تـ ھن جي اکين جي نور ايترو ڪمزور ٿي ويو جو ھن جي دانگي ۾ ماني جو پڙ پڪل آھي يا ڪچو ھن کي خبر ڪونـ پوندي ھئي. مون ھن جي ھٿن جون پڪل اھي اڌ ڪچيون مانيون جام کاڌيون.ڍالڍا جي سڻپ اڃان بـ محسوس ٿئي پئي.
آخري وقت ۾ جڏھن ڳوٺ ۾ شام جو شھر مان ڇڪڙو ايندو ھو تـ ھو اڪيلي اڪيلي نڪري ڊوڙندي ڊوڙندي ڇڪڙي ڏانھن ھلي ويندي ھئي. پوءِ پاڙي جون مايون ۽ مائيٽ ھن کي جھلي ايندا ھئا. ڪروڌڻ حد سھڻي سٺا ويس وڳا پائيندڙ آخر ۾ ايئن ٿي وئي..