.

ترجمو جمن شاھ

ڪردن جو شمار آريا قوم جي ھند يورپي نسل سان ٿئي ٿو، جيڪي وچ اوڀر جي مختلف ملڪن ۾ آباد آھن. مختلف ملڪن ۾ آباد ھجڻ  جي ڪري ڪردن جي آبادي جو صحيح انگ اکر ڄاڻڻ ڏکيو آھي پر ھڪ محتاط اندازي موجب سندن تعداد ساڍا ٽي کان ساڍا چار ڪروڙ جي ويجھو آھي.مختلف ملڪن ۾ آباد انھن ڪردن جو ھڪ وڏي حصو عراق ،ايران،ترڪي شام ۽ سابق سوويت يونين جي ڪجھ ملڪن ۾ آباد آھي.جڏھن تـ  لبنان ،يمن،پاڪستان ،جرمني،سئزرلينڊ ۽ آمريڪا ۾ پڻ ڪرد اقليت ۾  آباد آھن .وچ اوڀر ۽ ايشيا ئي ڪوچن ۾ ھي عربن ۽ ترڪن کانپوءِ ٽي وڏي قوم آھن. انھن جي  اڪثريت ترڪي ،عراق،شام ۽ ايران ۾ آباد آھي.

انکان علاوه پوري دنيا ۾ پکڙيل ڪردن جي آبادي ھڪ ڪروڙ آھي.

ترڪي ۾ ڪرد قوم ملڪي آباديءَ جو 46سيڪڙو، ايران جو 31 سيڪڙو ،عراق ۾ 18سيڪڙو جڏهن ته آرمينيا ۽ شام ۾ 5 سيڪڙو آبادي آھي.

ڪردن مان اڪثريت  ستين صديءَ ۾  اسلام قبول  ڪيو پر سڀ ڪرد مسلمان ناھن، انھن ۾ يزداني ۽ يزيدي عقيدن جا ڪيترائي فرقا ڪردن ۾ موجود آهن پر سندن اڪثريت سني شافعي عقيدي سان تعلق رکندڙ آهي.

ترڪي جي اوڀر علائقي ڪوھ آرارات ۾ حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي ۽ 10 گز ڊگھي قبر جا آثار موجود آھن . انھي ڪردن جو تعلق حضرت نوح عليہ السلام جي اولاد  سان پڻ  ٻڌايو وڃي ٿو

ڇا ڪردستان نالي ڪا رياست ڪڏهن رھي آھي؟

ڪردستان جيڪو ڪردن جو مادرِوطن آھي ڪڏھن به ھڪ مستقل رياست ناھي رھيو .جنھن جون مقرر سرحدي حدون بنديون ھجن، ڪردستان جو لفظ پھرين دفعي 19  صديءَ  ۾ سلجوقي خاندان جي حڪمراني ۾ وجود ۾ آيو.

سلجوق بادشاھ علائقي جي اولھين حصي کي جدا ڪري ڪردستان جو نالو ڏئي پنهنجي ويجھي دوست سليمان شاهه کي حاڪم بڻايائين.

بنيادي طور ڪردستان ٽن ملڪن ۾ ورهائجي چڪو آھي عراق ،ايران ۽ ترڪي کان علاوه ان ۾ ٿورو شام جو علائقو به شامل آھي.

ترڪي جي نوي مان اوڻيھ صوبا ڪرد آبادي جا آھن. جيڪي ترڪي جي ڏکڻ اوڀر ۽ اوڀر ۾ آباد آھن..

انکان سواءِ ڪردن جو ذڪر جوڳي آبادي ٻين ملڪن مثال طور آذربائيجان ،آرمينيا، ۽ افغانستان ۾ رھي ٿي،جڏھن ته ڪجھ ڪرد پاڪستان ۾ به آباد آھن.

ڪرد چاھي دنيا جي ڪنھن بـ  حصي ۾ رھن پر ھو پنھنجو وطن ڪردستان کي اي مڃيندا آھن. جيڪڏهن ڪردن جي علائقي جو جاگرافيائي نقشو پيش ڪجي تـ نقشي جون اتريون سرحدون آرارات جبلن کان شروع ٿين ٿيون جيڪي ايران، آرمينيا ۽ ترڪي سان لڳل آھن. ڏکڻ ۾ حمرين جو جابلو علائقو بغداد ،بصرہ ۽ عثماني موصل جي و چ ۾ آھي.جڏھن تـ اوڀر سرحد ايران جي لرستان تائين پکڙيل آھن. وڀر ۾ ترڪي جو صوبو ملاطيہ اچي ٿو

ڪردستان جي ڪل ايراضي تقريبن پنج لک مربع ڪلوميٽر آهي جيڪا پاڪستان جي صوبن بلوچستان ۽ سنڌ جي گڏيل ايراضي برابر آھي. ھي علائقو جابلو سلسلن تي مشتمل ھئڻ جيڪري سندس زمين پوکي جي قابل آھي. جتي ڪئي نديون زمينن کي سيراب ڪن ٿيون.

انکان علاوه سرزمين پنھنجي پيٽ ۾  قيمتي معدنيات ،تيل ۽ ٻيا خزانا سانڍي رکيا آھن.

ڪردستان آبشارن جي ڪري مشھور آھي. جنھن سان زراعت کي ترقي ملي ٿي، ڪردستان معدنيات سان مالامال خطو آھي جتي تيل جي دولت جي فرواني آھي.

رضا شاھ پهلوي جي دور ۾ ايران ۾ ڪرد ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي ھئي .1979 ۾ آيت الله خميني ڪردن خلاف جھاد ڪري ڪرد ڪارواين کي پوري طرح چيڀاٽي ڇڏيو.

اھڙي طرح 1960 کان 1975 تائين اتر عراق ۾ ڪردن مصطفي برزاني (مسعود برزاني جو والد) جي اڳواڻي ۾ جدوجهد کانپوءِ خودمختياري حاصل ڪئي پر1991۾ صدر صدام حسين ان علائقي تي مڪمل حاڪميت قائم ڪري ڪردن تي اھڙا ظلم برپا ڪيا جنھن جا تاريخ ۾  مثال نٿا ملن.

ان دوران عراق ايران جنگ لڳي پر ڪردن تي ڪاروائي جاري رھي ۽ جنگ جي خاتمي تي عراق حڪومت ڪردن ۾ جان ڇڏائڻ لاءِ مبينه طور انھن خلاف زھريلي گئس استعمال ڪئي جنھن سبب ھزارين ڪرد ماريا ويا.

.  1918 ۾ترڪ  ڪردن  سلطنت  عثمانيه کان آزادي جون ڪوششون ڪيون پر انھن کي ڪچليو ويو

1915 پھرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ جڏھن سلطنت عثمانيه جو خاتمو ٿيو ته ان وقت جي آمريڪي صدر وڊرو ولسن ڪردن سان الڳ ملڪ جو واعدو ڪيو ۽1920  ۾   جي معاهدي سيور ۾ ھڪ آزاد ڪرد رياست جي تجويز به شامل ڪئي پر برطانيه ،فرانس ۽ ترڪي ان کي ناڪام بڻايو.

سلطنت عثمانيه جي خاتمي بعد ڪيترين مشرق وسطي رياستن وجود ورتو پر آزد مملڪت بابت ڪردن جو خواب تعبير  ٿي نـ سگھيو.

ترڪي جي جنگ نجات جي دوران مصطفي ڪمال اتاترڪ ڪردن سان ملي پنھنجي آزادي جي جنگ جاري رکي ۽ ڪردن جو ڀروسو به حاصل ڪيو پر جديد ترڪي جي قيام بعد 1925 ۾ ڪردن شيخ سعيد جي اڳواڻي ۾ بغاوت ڪئي پر حڪومت سختي سان بغاوت ڪچلي ڇڏي.

انکانپوءِ 1938 ۾ بـ  ڪردن تنجيلي ۾ وڳوڙ پيدا ڪيا جنھن کي شديد بمباري سان دٻايو ويو ۽ ان وقت کان ڪردن خلاف سخت پاليسي استعمال ڪندي سندن سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ انھن کي پھاڙي ترڪ قرار ڏئي ترڪ معاشري ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪردن پنھنجي سڃاڻپ قائم رکي.

.

ڪوئي تبصرو نه مليو.

Share

Leave a Comment

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *

Scroll to Top