آئون
مرحوم محمد حسن پسائي جي يادگيريون لکڻ لاء جڏهن پنهنجي ذهن کي ڦلهوريان ٿوته هڪ
سفيد وکريل وار ,مينڌي لڳل ڏاڙهي ,هروقت مرڪي ملندڙ شخص پهرين ٿورو تيز پر وري آهستي ڳالهائيندڙ شخص
نظر اچي ٿو جيڪو آهي ته ڪنڊيڪٽر پر سندس هٿ م ڪتاب اخبارون آهن ڇڪڙي مان لهي ٿو ته
ڪيترا ماڻهو کيس ويڙهي وڃن ٿا .ساڻس گڏ چار ڄڻا گڏ ڪي ٽٽل ميرن سراٽيل ڪپڙن وارا، ڪي وکريل وارن وارا ڪيئي ٿريا ساڻس
گڏ آهن .ڪٿي
سندس راڄ جي گرفتار ماڻهن جي ڪيسن تي ڳالهائي ٿو .ڪڏهن مختيارڪار آفيس ۾ ۔وري
ڪڏهن
اخبارن واري ڪيبن واري اچي ان کي اخبارون پيو کڻي اخبارن م ڏيپلي جي لڳل
خبر کي ٽڪ مارڪ پيو ڪري.ٻي منظر ۾ مون کي
ايم آر ڊي تحريڪ جي اجلاس جو نظر ٿو اچي ڏيپلي م لوهارن جي گهرن ڀرسان سڄڻ پسائي
جي جڳھ آهي ۔اتي اجلاس
جي صدارت عوامي شاعر غلام محمد راهو ڪري پيو ۔فرشي
نشت تي محمد حسن پسايو ,عبدالرحمان لنڊ , پھلاج پروانو ،غلام محمد راھو ،مصري جمعاڻي , عبدالرحمان لنڊ ۽ ٻيا ويٺل آهن
ساڳي جاء تي وري فاضل راهو جي قتل واري
واقعي تي تعزيتي اجلاس هلي پيو وري هڪ ٻيو منظر آهي حاجي غلام محمدلاٽ
ننگرپارڪر جي صوبائي سيٽ تان ڪامياب ٿي پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلي آيو آهي سندس
شاندار استقبال جو منظر آهي حاجي غلام محمد لاٽ جي ڪاميابي جي ريلي ننگرپارڪر کان ڏيپلي
پهتي آهي ھڪ منظر آهي جڏهن هو مون سان ڏيپلي ۾ اچي مليو هو ته اسان جون اخبارون ڏيپلي
م هلايو . ان وقت سوٽ اسد ڪاوش ۽ آئون سنڌ ,عوامي آواز ۽ برسات اخبارون ڏيپلي م
نيوزپيپر ايجنسي طور هلائيندا هئاسين ۔ان
وقت اسان سان باضابطه ڪچهري ڪيائين۔پوء
ته اهو سلسلو سندس آخري گهڙين تائين رهيو ۔خانداني
تعلق ۽ جماعتي هئڻ سان ڪري هو جلد ئي
اسان کي آماده ڪري ويو ته سندس اخبارون ۽
رسالا هلايو ۔اخبارن
وڪرو ڪرڻ جي ڳالھ ڪجي ته حسن سميت اسان مان اڪثر نيوز پيپر ايجنٽ ان م نقصان کائي قرضو
ٿياسين ۔مرحوم
حسن به اخبارن جي نيوزپيپر ايجنسي هلائڻ ۾ نقصان کاڌو ۔ڪيترائي
سنگتي پئسا کائي ويا ۔ڪامريڊن
سان اهو مسئلو هوندو آهي ته هڪ ته هو سٺا واپاري نه هوندا آهن ۔ڪنهن
کان پئسا وٺي نه سگهندا آهن اڪثر ڪامريڊ مفت جي اخبار ۽ رسالو کڻي ويندا هاڻ ڪير وڙهي
۔سو مرحوم سدائين ان ٽوٽ واري ڪاروبار
۾ لڳو رهيو .سندس مقصد صرف اهو هو ته ميڊيا جي پهچ عوام تائين هجي ۽عوام جي پهچ به
ميڊيا تائين هجي ۔ان ۾ جيڪڏهن مالي نقصان ٿئي ٿو ته ڪو هرج ناهي ۔اسان
جو مقابلو گڙنگ واپارين سان هو پر انهن کي به ڇڪا ڇڏائي ڏنا هئا حسن بعد انهن
واپارين کي ڪو مڙس گڏيو ئي ناهي ۔الک
اخبار آئي ته هڪ ٿرٿلو مچي ويو گهٽ رقم ۽ جلدي پهچ ٿر جون خبرون هجن مٿان وري ضلع
جو رپورٽر حسن مرحوم هجي پوء ڪيئن ٿا ڀانيو ؟اصل پٽيلن وڏيرن آفيسرن کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيائين
۔سندس هڪ خبر يادٿي اچي سندس
لکڻ جو انداز واه جو هو گڏ ويٺا هجون ڪچهري ڪندي اخبار جي خبر لکي رهيو هو خبر
۾ هو روايتي طريقي بدران سنڌي پهاڪا ۽لوڪ
اصطلاحون استعمال ڪندو هو ۔زڪوات
۽ عشر کاتي م سياسي اڳواڻن جي ويجهن وڏيرن سردارن۽ پٽيلن کي چيئرمين بنائي پئسا ڪڍائي
کائي وڃڻ تي لکي ٿو
چم جي واڙ ۽ ڪتا واهي
ٿر جي پٽيل زڪوات چيئرمين ۽آفيسرن مستحقين جا پئسا ڪڍائي
کائي ويا .ٻي ڏينھن اخبار ۾ ساڳي هيڊنگ
سان خبر آئي ته ٿرٿلو ۽ٽهڪ هجن ۔چيئرمن
جا منهن ڀيلا ٿي ويا
ان دور م عوامي تحريڪ ۽ جئي سنڌ محاذ ۾ سرد جنگ هلندي هئي ۔
منهنجو نظرياتي تعلق
عبدالواحد آريسر واري گروپ سان ٿيو ته جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جوائن ڪئي ۔مرحوم
حسن وري عوامي تحريڪ جو اڳواڻ هجي، پارٽي پاليسي يا اختلاف هجن مٿان وري مرحوم
عاشق جوڻيجو جو قتل سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو هو ته ان سان گڏ
جساف کي دفاعي پوزيشن م اچڻو پيو ۔اخبارن رسالن م ڏي جواب وٺ جواب جو
سلسلو شروع ٿيو ۔پارٽي جي حڪم تي سڀني ليکڪن ۽ صحافين کي حڪم
ٿيو ته جواب لکو منهنجا ڪجھ خط نمامضمون منصور جوڻيجو جي نالي سان شايع ٿيا ۔پر
مٺي ۾ اسين عوامي اتحاد ۾ گڏ آهيون مرحوم حسن سڀ ڪجھ خبر هوندي به ان معاملي ته
مخالفت ۾ به احترام وارو رويو رکندو هو ۔کيس
خبر هئي ته هي جوابي مضمون ڪير پيو لکي ۔هن
شخص جي سهپ ۽ سياست جو انداز ڏسو اسان جي سموري عمر ۽ ڪامريڊ حسن جو تجربو پر نوجوان سان
نوجوان هوندو هو ۔ٿر
عوامي اتحاد جو تجربو شاندار رهيو ۔ساڻس
گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هن کان
اڳ تعلق تنظيم کان ٻاهر جو هو
ڪنهن به اڳواڻ جي ڪم ۽ڪردار جي پرک وٺڻي
هجي ته ان جي اڳواڻي م ڪم ڪريو ۔سندس
سهپ ۽ سچائي ڏسو.ٿر عوامي اتحاد بنيادي طور تي مختلف تنظيمن جو گڏيل اتحاد هو جنهن
م عوامي تحريڪ ,جسقم ,ترقي پسند پارٽي ,مسلم ليگ نواز , پپلز پارٽي , لنڊ
ويلفيئرتنظيم , وينجهار سماجي تنظيم مطلب سڀ ارباب مخالف گڏ ڪري انهن کي هڪ ئي
ايجنڊا تي ميڙي مٺ ڪرڻ جو ڏان حسن کي هو ۔پانڌي
چوهاڻ نالي اسلام ڪوٽ جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ جو ڌنار پوليس فائرنگ ڪري قتل
ڪري ڇڏيو ڪيس وري وارثن تي ٿيو ۔پوري
تر م موت جهڙي خاموشي هجي سڀ چپ ڌڻي ڊنل آهن سياسي ڌريون ارباب گروپ پوليس جي سپورٽ
۾ آهي پر حسن
ڪٿي ٿو خاموش رهي اخبارن م خبرون هر تعلقي هيڊڪواٽر ۾ احتجاج۔۔صبح
سوير سڀ ساٿي تعلقي هيڊڪواٽر پهچندا ۔اتي
سمورن سان
رابطو ڪيوويندو ته ماڻهو گڏ ڪريو اڄ پريس ڪلب تي احتجاج آهي پوليس جي ڪوشش هوندي
هئي ته احتجاج کان اڳ ۾ ئي اڳواڻ کڻي وڃي واڙي ڇڏيون ته گڏ ٿيل پاڻهي ڇڙوڇڙ ٿي
ويندا ۔پر حسن
جي پلاننگ موجب اعلان موجب پريس ڪلب بدران اوچتو ڪنهن اسٽاپ وٽان يا آفيس کان ئي
شروع ڪري نعرا هڻندا جلدي پريس ڪلب ڏي وڌندا پر ان کان اڳ جتي گهڻا ماڻهو ڏسندو
اتي تقريرن جواشارو ڪندو ۔نئون
ڪوٽ ۾ ائين
ڪيائين
جمشيد ٻٻر
نالي نوجوان کي پوليس گم ڪيو ڪيوان تي به احتجاج ٿيو سياسي انتقامي، ڪارواين ، بدلين ، ترقياتي ڪمن ۾ اقربا
پروري تي عوامي اتحاد جو ڪردار تاريخ جو حصو آهي .ڏيپلي ۾ احتجاج کان پوء منھنجي وڏي
ڀاءُ ذوالفقار جوڻيجي ۽ ڪامريڊ فاروق مريداڻي کي گرفتار ڪيو ويو ھو .باقي قيادت
ريلي ڪڍي روانو ٿي ويئي ھئي . سندس
والد چاچو عبدالمطلب پسايو ٿر جي انهن چند ماڻهن سان گڏ رهيو جيڪي ٿر ۾ ارباب
مخالف رهيا جن ۾ مولوي عبدالرحيم لنڊ ،مولوي جان محمد مورو ريگستاني ،غلام محمد راهو ،صديق گجو، محمدخان لنڊ،
عيسي راهمون
سميت ڪيترائي ڪارڪن ء اڳواڻ لاٽ گروپ جو حصو هئڻ ڪري عتاب جو شڪار هئا انهي ڪري
سندن ڪٽنب به عتاب
هيٺ هوندو هو. محمد حسن پسايو پڻ ننڍي هوندي کان پنهجي پيءُجي نقش قدم تي هلندي
ظلم جي خلاف آواز اٿاريندو هو.محمد حسن پسايو ٿر جي مخصوص سياسي صورتحال کي سامهون
رکندي ارباب مخالف سياسي شخصيت غلام محمد لاٽ سان گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو .لاٽ صاحب هڪ
اليڪشن ۾ اربابن سان ٺاهه ڪيو.محمد حسن سميت سڀني پراڻن ساٿين انهي ڳالھ تان ڪاوڙ
جو اظهار ڪيو.محمد حسن ڪجھ عرصي لاءِلاٽ صاحب کي ڇڏي واپس اچي ٿر جي ڪيڪڙن تي ڪنڊڪٽر
ٿيو، پر لاٽ صاحب وري پرچائي واپس وٺي ويو. محمد حسن پسايي م جيتري سهپ ۽ سادگي
هئي اوتري ئي وري اڻ ٿڪ جدوجهد جو جنون به هو هو کاهوڙي ڪردار هو جنهن
هن اورچائي ء سياسي سجاڳي جي سفر م ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيون جن م ڪيترائي ڪيس
حملا برداشت ڪيا .هو پوري زندگي متحرڪ رهيو. محمد حسن روزانو جاڳو، هلال پاڪستان
همدرد
،سنڌ ٽآئمز ،روزاني الک ۽ عوامي آواز سان سلهاڙيل رهيو.محمد حسن پسايو عوامي تحريڪ
جو ايم آرڊي تحريڪ ۾ ڪم ۽ ڪردار جو شاهد هو انڪري جئين ئي پيپلز پارٽي يا حاجي
غلام محمد لاٽ وٽان نڪرندو هو ته عوامي تحريڪ ئي سندس فڪر ء جدوجهد جو آخري وٿاڻ
ثابت ٿي
.هو پنهنجي
سوچ عمل ڪردار ۾ مڪمل عوامي ماڻهو هو انڪري
کيس نظرياتي ٿانڪ محسوس ٿي .پورهيتن مزدون جي دردن جي ڳالھ ڪرڻ سندس زندگي جو مشن
بنجي ويو .
محمد حسن جو مزاحمتي ڪردار ۽ انقلابي واٽ غريب ٿرين جي سجاڳي
جي ڪم سندس وڇوڙي تائين جاري رھيو .ٿر ۾ ھن وقت صحافين جا گروپ ھڪ ٻئي کي قاضي
،حاجي يا استاد جا القاب ڏيئن پيا پر آئون صرف استاد حسن کي ئي چوندس .باقي استاد
ته سنڌي جي اصطلاحي معني موجب صرف چالاڪ سڏي
سگھجن ٿا."مزاحمت منھنجي رت ۾ شامل آھي" استاد حسن چوندو ھو .ھي آخري
انقلابي جنھن جي پلئه ۾ صرف غربت ئي رھي .ھن ايمانداري ۽ آجپي جي تاريخ ٺاھيندي ھڪڙي
ڏينھن سرڪاري اسپتال جي بيڊ تي جان ڏني .ھو پوري زندگي ۾ عوامي ماڻھو رھيو ۽ سندس
موت به عوامي ٿيو ۽اتساھ جي علامت بنجي ھميشه باقي آھي