News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب خط

انيلا ! ٻوليون ساھ کڻي رھيون آھن ۽ ميلا اڪيلائي جو شڪار آھن



انيلا  ! ٻوليون ساھ کڻي رھيون آھن ۽ ميلا اڪيلائي جو شڪار آھن
خليل ڪنڀار
21 Feb 2026

views 424

ميد ته خوش هوندئين

 

تنهنجو جوابي خط مليو تنهنجي سکي زندگي بابت حال احوال ڄاڻي دل مطمئن ٿي

خط جو جواب وقت سر نه ڏيئي سگهيس جو گذريل پندرهن ڏينهن کان سفر ۾ هئس اسلام آباد ۾ انڊس ڪلچرل فورم جا دوست هر سال مادري زبانن جو ميلو لڳائيندا آهن اتي وڃي واقعي به ميلي جهڙو ئي مزو ايندو آهي هر ٻولي جي ماڻهو سان ، هر ٻولي جي لوڪ گيتن سان ، هر خطي جي رقص سان ، آرٽ سان ، ڪهاڻين سان ، قصن سان ۽ داستانن سان ملاقات ٿيو وڃي ان گهڙي عجب جهڙو سرور محسوس ٿيندو آهي

 جڏهن مرندڙ زبانن جا ڳالهائڻ وارا پنهنجي ماءُ جي ٻولي ۾ ڳالهائيندي پر اميد لڳندا آهن ته عين ممڪن آهي سندن ماءُ جي زبان بچي وڃي اسان جي دوستن جڏهن هي ميلو لڳايو هو تڏهن گم ٿي وڃڻ جي خطري ۾ اچي ويل مادري زبانن سميت اڪثريت ۾ ڳالهايون ويندڙ زبانون به پنهنجي موجودگي جي جنگ وڙهي رهيون هيون پر هاڻي ته سڀني زبانن کي هن ميلي جي صورت ۾ ڄڻ ته هڪ زبان ملي وئي آهي ڪيترائي اهڙا اديب هن ڀيري مليا جن پنهنجين پنهنجين زبانن ۾ ناول ۽ شاعري جا پهريان ڪتاب ڇپرايا هئا ۽ پنهنجين مادري زبانن جا قاعده لکيا هئا

مزي جي ڳالھ ته دوست فنڊز جي گهٽتائي سبب هر سال ميلو نه لڳائڻ لاء سوچيندا آهن ۽ هر ڀيري ميلو ويجهو ايندي ئي ميلي جي تيارين ۾ لڳي ويندا آهن هنن جو ڪم ۽ جذبو ڏسي گهڻا ايندڙ اديب هنن دوستن سان ڪو حساب ناهن ڪندا جو انهن کي اها خبر آهي ته هنن وٽ وسيلا محدود آهي اهي اديب کين چوندا آهن ته توهان هڪڙو وڏو ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ هي ميلو اوهان وانگي اسان جو به عشق آهي جيتوڻيڪ هنن کي ڪروڙن ۾ بجيٽ نٿي ملي پر کوڙ ادار هنن سان ٻانهن ٻيلي ٿين ٿا ۽ هنن به اهو ثابت ڪيو آهي ته محدود وسيلن سان به قومي سطح جو ميلو لڳائي سگهجي ٿو  سڀ کان وڏي تبديلي اها آهي جو هاڻي پنجابي به مادري زبان ڏانهن موٽيا آهن شيخ اياز صاحب ڪنهن جاء تي لکيو آهي ته اي پنجابي تون ڪيڏي مٺي زبان آهين پوء تنهنجي ٻچن تو کي ڇو وساري ڇڏيو آهي

کٹورے دُدھ دے وانگوں

سهانی رات هوۓ گی

جدھوں تو چن ویکھے گی

تے تیری اکھ روۓ گی

میں تیں نوں یاد آوانگا


جدھوں میں دور هووانگی

سُتی تقدیر ویکھیں گا

جدھوں کوٸی روپ دی رانی

سلیٹی هیر ویکھیں گا

میں تیں نوں یاد آوانگی 

وڇوڙا ، ويڻ ، گاريون ۽ دعائون شدت سان پنهنجي مادري زبان ۾ ئي اظهاري سگهجن ٿيون  پنجابي جو هي لوڪ گيت آئون اڄ به ايئن ئي ٻڌان ٿو جيئن پاڻ گڏجي ٻڌندا هئاسين فرق صرف اهو  آهي جو هاڻي تنهنجي حصي جا ٻول به مون کي ئي اچارڻا پون ٿا

                                                       تازو ڪي ايل ايف جي سنڌي مشاعري تي تنقيد ٿي جو ان ۾ شاعرن جي چونڊ ايمانداري واري ڪانه هئي جنهن بابت هڪ ڳالھ اها به بحث هيٺ آئي ته اهڙي قسم جي چونڊ سنڌي شاعري جي تعارف کي خراب ڪرڻ لاء هاسيڪار ڪئي وئي مٿان جو مشاعري ۾ ٻڌندڙ ماڻهو نه آيا ته پوء اهو بحث سمورن ميلن ۾ ماڻهن جي عدم دلچسپي طرف هليو ڪجھ ميلاين ته خاموشي سان ان سموري بحث کي ڏٺو ته ڪجھ ميلاين وري معاشري کي ادب ڏانهن راغب نه هجڻ جو ڏوھ ڏنو جيڪڏهن هيترن سارن ميلن کانپوءِ به ماڻهو ادب ڏانهن راغب نه ٿي سگهيا آهن تڏهن به اهو ئي چئبو ته ميلن جو اثر نه ٿيو  اڪثريتي راءِ  اها جڙي ته ساڳيا ساڳيا ماڻهو اسٽيجن تي ڏسي ڏسي انهن جا ساڳيا ساڳيا ڀاشڻ ٻڌي ماڻهن احتجاجن ميلن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي انڪري ادبي ميلن کي پنهنجي معيار ڏانهن سنجيدگي سان سوچڻو پوندو

                                       جي توکي ياد اچي ته پنهنجي ٻي ملاقات به حيدرآباد جي  هڪ ميلي ۾ ئي ٿي هئي جيئن ئي تنهنجو فون آيو مون دوست جي فرج مان جرمني جي ميون جو کنيو ۽ دوست کي ميلي ڏانهن هلڻ لاءِ  چيم دوست سڄي واٽ مون کي سمجهائيندو آيو انهن معاملن ۾ هيئن ٿيندو آهي انهن معاملن ۾ هونئن ٿيندو آهي آئون پنج منٽ جي ڊرائيو تائين سندس اها زهر جهڙي نصحيت خاموشي سان ٻڌندو آيس جنهن مهل تون ميلي مان نڪتئين پنهنجن ڪارن ڀونئر وارن کي ڇنڊڪو ڏيئي اکين تان هٽايئي ته منهنجي دوست جي زبان تي ڄڻ ته اچانڪ تالو لڳي ويو ۽ هن مون ڏانهن ايئن معصوميت مان ڏٺو ڄڻ ته سڄي واٽ ڪيل گفتگو تي پڇتائيندو هجي اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن هاڻي جڏهن به ملندو آهي سڀ کان پهرين تنهنجو پڇندو آهي ايئن ٻي ڀيري  تڏهن ٿيو هو جڏهن پاڻ بيچ لگزري تي مليا هئاسين مون سان گڏ ويٺل منهنجي دوست توکي ڪنهن ورسي تقريب ۾ ڏٺو هو تنهنجي رنگت ، تنهنجن وارن ، تنهنجي ڳلن ۾ پوندڙ ڀونئرن ۽ تنهنجي گفتگو جي انداز تي مسلسل ڳالهائي رهيو هو ۽ تنهنجي لازوال حسن جي تعريف ڪري رهيو هو ته تون اچي اسان جي ٽيبل تي ويٺي هيئين ۽ منهنجو دوست تو کي ڏسندو ئي رهجي ويو هو ڊگهي ڪچهري کانپوءِ  تو کان موڪلائي اسين جڏهن سندس فليٽ تي پهتاسين ته مون ڏٺو هن جا هٿ تيستائين پگهريل هئا

             خون کٿوري ۽ پيار گهڻو وقت لڪي ناهن سگهندا جيترو تنهنجو حسن مشهور هو ايترو ئي پنهنجو پيار مشهور هو توکي سڃاڻڻ وارا سڀ ماڻهو مون کي رشڪ مان ڏسندا هئا بظاهر ته  سڀ دعاڳو هئا پر حسد اهڙو هئن جو لڪائي نه سگهندا هئا مون کي سندن حسد ڪڏهن به برو نه لڳو انڪري جو جيڪڏهن آئون توکي انهن مان ڪنهن سان به ڏسان ها ته مون کي به ان سان ايترو ئي حسد ٿئي ها تنهنجو هڪڙو پراڻو واقفڪار اڄ به جڏهن ملندو آهي ته تنهنجو پڇندو آهي ۽ پوء تنهنجي حسن تي ڳالهائيندو آهي دل روئڻ لاءِ چوندي آهيس پر شايد منهنجي احترام ۾ روئندو ناهي ان سان تو بابت ڪچهري ڪندي لڳندو آهي پنهنجو درد ان ماڻهو سان پيو اوريان جنهن کي ان جي شدت جو صحيح اندازو آهي ۽  جدائي جو زخم ان ماڻهو کي پيو ڏيکاريان جنهن کي ان جي گهرائي جو اندازو آهي جڏهن تون هلي وئي هيئين ته مون  تنهنجي ان واقفڪار تي هڪڙو نظم لکيو هو " رقيب "

 

هڪ ٻي جي نيڻن ۾ ڳوليون

تنهنجي صورت پايون ٻيئي

تنهنجو ساٿ ، وڇوڙو تنهنجو

ور ور ڏيئي ورجايون ٻيئي

جيسين تنهنجو پيار سلامت

مرڪ هجون ۽ ماڻو پڻ ٿيون

تنهنجو وقت وداع اچي جي

هچڪي هچڪي سڏڪون ٻيئي

ڳوڙهن ۾ ڳالهايون ٻيئي

ڳوڙهن ۾ ڳالهايون ٻيئي

 

مون کي اڃان توسان پنهنجي ڳوٺ جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن الائجي ڇو منهنجي دل چوي ٿي نوهٽي جي وڻ وڻ سان تنهنجي ايئن واقفيت هجي جيئن منهنجي آهي

 

تنهنجو آئون

خليل ڪنڀار

نوهٽو هائوس عمرڪوٽ


تبصرا
تبصرو لکو