News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب شخصيت

سرد لاش جو سفر



سرد لاش جو سفر
امير منڌرو
25 Feb 2026

views 395

سرد لاش جو سفر

امير منڌرو

زندگي جي تلخين کي پنهنجي وجود ۾ تحليل ڪري هن هميشه محبتن جي پرچار ڪئي. گهڻا سال اڳ نريڙي ڍنڍ جي ڪناري تي هن “سهڻ” جو پن پٽي مون کي ۽ عاشق انصاري کي چکايو هو.

ڪيئن اٿس ذائقو؟” هن پڇيو هو.

خوشبودار ۽ مٺو”، اسان جواب ڏنو.

هن چيو ته “هي ٻوٽو سمنڊ جي کاري پاڻي تي ٿئي ٿو، پر سندس ذائقو ان جي ابتڙ مٺو آهي.”

پوءِ هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته “جيڪو ڪجهه ماحول ڏئي ٿو، اهو ان جي ابتڙ موٽ ۾ ڏئي ٿو، جيئن ڪي ناياب ماڻهو ڪڙاڻ کي مٺاڻ ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن.”

لاڙ جو سج پريان احمد راڄي جي گنبذن جي هن پاسي ڪنهن ٿڪيل مسافر جيان لهي رهيو هو. سمنڊ جون ڇوليون ڪنارن سان ٽڪرائي ٽڪرائي ٿڪجي پيون هيون ۽ فضا ۾ اهو آواز لطيف جي صدا بڻجي گونجي رهيو هو:

کاري جيئن کرن، سڀئي وڻ ٽڻ واسيا

سهڻ جيان سپريئن، ڪڏهن مٺو ساه نه مٽيو

علي احمد جوکئي جو لاش جڏهن شهيد فاضل راهو جي مزار سامهون وڻ ۾ ٽنگيل مليو ته ذهن اچرج ۾ ٻڏي ويو. فاضل راهو سان هن جو جنون جي حد تائين عشق هو. هو فاضل جون ڳالهيون ڪندي اميد جي ڊگهي سفر تي نڪري ويندو هو. هو منهنجي خوشين، ڏکن ۽ تنهائين جو ساٿي هو، پر مون ڪڏهن به سندس واتان ڪنهن جي شڪايت نه ٻڌي.

هر انسان جي زندگي ۾ مسئلا هوندا آهن، هن سان به هوندا، پر هن ڪڏهن به انهن کي لفظن ۾ نه آندو. سندس اندر ۾ هڪ آتش فشان هو، جنهن جي خبر دنيا کي پوءِ پئي. وڻ ۾ سندس لاش لٽڪيل هو، ڪنڌ ۾ ڪپڙي جو ٿيلهو ۽ ان ۾ خط هئا. انهن خطن ۾ گهڻو ڪجهه لکيل هو، پر هڪ سٽ سڀ ڪجهه چئي وئي:

ڪاروباري ماڻهن جا تعلق مفاد تي بيٺل هوندا آهن، مفاد ختم ته تعلق ختم، ۽ اسان جهڙا ماڻهو اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا.”

سوچيان ٿو ته ڪيترا بدنصيب آهن اهي ماڻهو، جيڪي عشق جي هن انداز کي سمجهي نه سگهيا. هن وٽ محبت جي تشريح سادي هئي. هو چوندو هو ته “محبت صرف ڏيڻ جو نالو آهي، جنهن ۾ موٽ جي ڪا معنيٰ ناهي.” خبر نه پئي ته اها ڪهڙي موٽ هئي، جنهن سندس زندگي جو انت آندو.

راهوڪي ۾ ساڳئي جاءِ تان هڪ سال پوءِ سندس انٽليڪچوئل پٽ اياز جو لاش مليو، جيڪو بليڊن سان وڍيل هو. هو سوسائڊ نوٽ بدران وڊيو ڇڏي ويو هو. اياز ئي هو جنهن مون کي چيو هو ته “فرائيڊ ۽ نٽشي کان پوءِ ڪارل ينگ کي پڙهجو، هو اوهان کي پنهنجي پاڇي سان ملائيندو.”

بدين جي انقلابي جوکين جي هن گهر جو ذڪر ايم آر ڊي تحريڪ کان سواءِ اڌورو آهي، جتان ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي عورتن جو احتجاجي جلوس نڪتو هو. محمد موسي جوکيو، جيڪو فاضل راهو سان سڄي زندگي گڏ رهيو ۽ فاطمه جناح جي اليڪشن مهم ۾ به سرگرم رهيو، علي احمد جو وڏو ڀاءُ هو. هن پنهنجي مرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ دوستن کي گهرائي وصيت ڪئي هئي ته “راهوڪي سان رشتو نه ٽوڙجو.”

وڻ ۾ ٽنگيل سرد لاش ۽ زمين تي وهندڙ گرم رت انهي وصيت جو آخري باب بڻجي ويا. موسي جوکئي جي يادگيرين جو ڪتاب “اهي ڏينهن، اهي نينهن” هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي. علي احمد  پنهنجي شاعر دوست عطا دل سان گڏ آمريت ۾ جيل ڀوڳيو ۽ جمهوريت جي موسم بي قدري جو ڪارو پاڻي جھاڳيو.

 عاشق انصاري، حسن درس، مسعود لوهار، دودي چانڊئي ۽ مون سان هن ڊگھا سفر ڪيو.

اسان جي رازن جي هن محافظ پاڻ ڪڏهن نه ڪا شڪايت ڪئي نه وري زماني تي ڇوه ڇنڊيا.

هو سائنس تي پڪو ايمان رکندڙ فاضلسٽ ڪميونسٽ هو.

ڪراچي ۾ جناح اسپتال ڀرسان بزرٽا جي فليٽ تي، اڄ کان ڇهه سال پهرين هو سڄي سڄي رات نوجوانن کي ڪراچي ۾ اچي ڪاروبار ڪيئن ڪجي؟ تي ليڪچر ڏيندو هو

هنسراج، ممتاز جت ۽ ٻيا نوجوان اڄ جوڙيا بازار ۾ پنهنجي پنهنجي بزنيس جا مالڪ آهن.

هن پاڻ به ڌاٻيچي اچي ٻني پوکي ۽ ورڪشاپ لڳايو.

واپار ۽ هنر کي تبديلي جو محرڪ سمجهندڙ هن شخص جو گهڻا سال پهرين پريس ڪلب بدين ڀرسان پنهنجو ٽائر پنڪچر جو ورڪشاپ هوندو هوندو.

اھو دڪان شهيد فاضل راهو جي بدين ۾ بيٺڪ به هوندي هئي.

تعلق نڀائڻ هن جو طرف هو

هڪ ڀيرو هن مون کي چيو هو ته “جنهن سان ڪو تعلق نه رهي، ان تي ڇو ڳالهائجي، ۽ جنهن سان تعلق هجي، ان تي به ڇا ڳالهائجي؟” هو واقعي هڪ خاموش سمنڊ هو، جنهن جي اندر جو طوفان آخرڪار هن کي پاڻ ۾ ٻوڙي ويو.

اياز ۽ علي احمد جوکيو ٻئي نه وسارڻ جهڙا ڪردار آهن. جڏهن به رنگ مٽائيندڙ آسمان جو ذڪر نڪرندو، اهي ضرور ياد ايندا


تبصرا
تبصرو لکو