ھو مونسان انھي ڏينھن انھي ڳالھ تي بـ ضد ھئي تـ شيون تبديل ٿي چڪيون آھن . ھاڻ اسڪپرٽ نـ پر
اسڪرين جو دور آھي . ھاڻ ماڻھو ڦوٽو ۽ وڊيو ڏسڻ پسند ڪن ٿا. انھي ڪري ھاڻ ٽيڪسٽ
ڪير نٿو پڙھي. اسڪرين اسڪپرٽ کي ريپليس ڪري ڇڏيو آھي. ھو جيڏي مھل اھا ڳالھ ڪري
رھي ھئي تـ ھن جي اڳيان گرم چانھ جو مگھ پيو ھو . ھو ھر ھر پنھنجي جاڪيٽ جي کيسي
مان ھٿ ڪڍي چانھ جي مگھ مان ٻـ ٽي سرڪ ڀري وري ھٿ جاڪيٽ جي کيسي ۾ ھڻي ٿي ڇڏيو.
ھو جيڏي مھل اھا ڳالھ ڪري رھي ھئي تـ آئون ھن جي مگھ مان
اٿندڙ ٻاف کي ڏسي رھيو ھو . ھو شايد اھي نـ ڏسي رھي ھئي ھيڪر دل ۾ آيو تـ آئون ھن
سان انھي ٻاف تي ڳالھايا ن وري نـ ڳالھايم. مون انھي ٻاف تي ڳالھائڻ انھي ڪري ٿي
چاھيو تـ ھن وٽ ٻاف جو اميج ٻيو ھو مون وٽ ٻيو ھو. ڇو جو ھن وٽان ٻاف جو اينگل ٻيو
ھو. مون وٽان ٻيو ھو.
اڄ جڏھن سائين علي دوست عاجز جو ڪتاب ڪلر بلائينڊ منھنجي
ھٿ ۾ آيو آھي تـ ھي ڪتاب پڙھندي پڙھندي مونکي ھن سان ڪيل اھا ڪچھري الاھي ڇو ياد
اچي وئي. سائين جو ھي ڪتاب پڙھندي پڙھندي منھنجي دماغ ۾ انھي ئي ٽيڪسٽ مان ھڪڙا
اميج ايندا ويا ٻيا ويندا ويا. ھڪڙي صفحي تي ڪيترائي اميج ھئا. ھڪڙو ھڪڙو اميج
منھنجي اکين اڳيان گھمڻ لڳو. مون سوچيو ھي ڪتاب لکندي سائين علي دوست جي ذھن ۾ بـ
پھرئين اميج جڙيو ھوندو پوءِ ھن انھي اميج کي ٽيڪسٽ ۾ اتاريو ھو. ھاڻ ھر پڙھندڙ جي
ذھن ۾ پڙھڻ وقت اھي اميج پنھنجي پنھنجي زمين جي حساب سان ٺھيا ھوندا.
اھو ئي ھڪڙي ليکڪ جو ڪمال ھوندو آھي تـ ھو پنھنجي لکڻي
سان ماڻھن جي ذھن ۾ اميج تخليق ڪري وڃي اھو ڪمال سائين علي دوست ۾ آھي. ڪو وڊيو ڪو
بـ فوٽو اوھان کي ڪيترو بـ متاثر ڪري پر وري بـ اھو ھڪڙو اينگل آھي اھو سڀني کي
انھي انداز سان ڏسڻو آھي.جنھن حساب سان فوٽو گرافر ڪڍيو آھي يا وڊيو گرافر رڪارڊ
ڪيو آھي. اھو اوھان صرف ھن جي اک جي ڏسڻي کي اوھان دھرائي رھيا آھيو. ڪو بـ فوٽو
ڪو بـ وڊيو اوھان جي اندر اميج تخليق نٿو ڪري سگھي . اوھان کي جيڪو اسڪرين تي آھي
اھو ئي ڏسڻو آھي . ھڪڙو تـ ھن ڪتاب جي اھا خاصيت آھي. ھو اوھان جي ذھن ۾ اميج کي
تخليق ڪري ٿو.
ٻيو سائين علي دوست جو ھي ڪتاب پڙھندي پڙھندي ھر ليک ۾
آئون ھڪري سٽ جي ڳولا ۾ رھيس مونکي لڳو پئي تـ ھي سڄو ليک انھي ھڪڙي سٽ کي پيش ڪرڻ
لئـ ھن جي تعارف ۾ لکيا ويا آھن. شاعر کي
پنھنجي باڪمال تخليقي سگھ ھجڻ ڪري ھن کي اھو ڪمال حاصل ھوندو آھي تـ ھو ڪنھن منظر
کي ڪنھن ڪيفيت کي ڪنھن واقعي کي ھڪڙي سٽ ۾ اھڙو تـ ڀرپور ڪري پيش ڪري ويندو آھي. انھي
ڪري جيڪڏھن ڏک ھوندو آھي تـ سٽ ڏک ۾ ڀري پئي ھوندي آھي. خوشي ھوندي آھي تـ سٽ ٽھڪن
سان ڀري پئي ھوندي آھي جي محبت ھوندي آھي تـ سٽ محبت سان ڀري پئي ھوندي آھي . آئون
ھن جي انھي ھڪڙي ھڪڙي سٽ تي بيٺو آھيان. اھا سائين ۾ تخليقي صلاحيت آھي تـ ھو سٽ ۾
سوگھو ڪري سگھي ٿو پڙھندڙ کي سور مان رڙ ڪرائي سگھو ٿو تـ محبت ۾ ھلڪو ھلڪو بـ
محسوس ڪرائي سگھي ٿو ماڻھو محبت کانسواءِ
ڪجھ ناھي.
ھاڻ ھي ڏسو ” ٻھراڙي جو ماڻھو پٽ تي ڪريل ماني جو ٽڪر
ڏسندو ھو تـ قرآن وانگر انھي کي ڇنڊي چمي ڪنھن سٺي جڳھ تي رکندو ھو “ جيڏي مھل مون
اھا سٽ پڙھي تـ منھنجي ذھن ۾ ڏاڏي مريم کان وٺي ڪيتريون ئي ڳوٺ جون پوڙھيون عورتون
ڦرڻ لڳيون ھنن جي گج جون ٽڪون پئي منھنجي دماغ ۾ ڦريون جيڪي پٽ تي ڪريل ماني ڇنڊي
مٿي رکي رھيون ھيون . ڪنھن ٻار ماني جو ڪو ٽڪر اورانگيو ٿي تـ ڏوڪرين رڙيون ٿي ڪيو
ابا ابا ان ايمان آھي. انھي ئي صفحي تي ھڪري ٻي سٽ پئي آھي ” بک بگرين مان نڪري
گھرن ۾ ڪاھي پئي آھي “ آئون انھي سٽ کي اتي ڇڏي اڳتي نڪري ويس . وري وڃي ھڪڙي ٻي
سٽ تي بيھ رھيس ” ڪنھن ٻار جا جيستائين پنھنجي ماءِ جي چولي ۾ ھٿ ھوندا آھن تيستائين
ھو ڪڪرن سان گڏ پيو اڏامندو آھي “ اوھين سڀ جيڪو ھي جملو پڙھي رھيا آھيو سوچيو
اوھين صفا ننڍڙا آھيو اوھان جو ھٿ ماءِ جي پوتي جي ڪنڊ جھلي بيٺو آھي . يا جيڪڏھن
اوھان جو ھٿ ماءِ جي چولي جي اڳئين چال مان يا پوئين چال ۾ آھي اوھين ڏسو ڪيترو
پيار پيا محسوس ڪريو ايترو پيار اوھان کي ڪائنات ۾ ڪٿي نـ ملندو اوھان ڏسو پنھنجو
پاڻ کي اتي وٺي وڃو ڪيترو پنھنجو پاڻ کي محفوظ پيا محسوس ڪريو. انھي ئي پني جي ٻي
صفحي تي اوھان کي قرئت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو اوھان جا ڪن اھو قرئت جو آواز ٻڌي ۽ محسوس
ڪري وٺندا ” ھو پڙھيل ايتري ھئي جو صرف قرآن پڙھي سگھندي ھئي. قرئت اھڙي ترنم سان
ڪندي ھئي جھڙو ڏک ٿي پڙھي،“ ٿوري تائين اتي بيھو قرئت ٻڌو ٿا پوءِ اڳتي ٿا ھلون
جتي ورھاڱو پيو آھي. “مندر کي ٿاڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آھي ” جيڏي مھل مون اھو جملو
پڙھيو تـ منھنجي ذھن ۾ ميرپورخاص جي نائي پاڙي وارو اھو مندر اچي ويو جنھن ۾ ھاڻ
ھڪڙي پناھگير جو گھر آھي مون مال لئـ انھي مندر ۾ بوھ پيل ڏٺي ھئي. سامھون کدڙن جي
مڙھي ھئي. آئون انھي مندر وٽ ئي بيٺو ھئس تـ مندر کان اولھ ۾ ٺھيل وڏي مسجد جي
لائوڊ اسپيڪرس مان ازان جو آواز آيو پر ھن مندر مان تـ مورتيون ٺھيون گھنڊيون ئي
گم ھيون.علي دوست مونکي اتي اچي بيھاري ڇڏيو.
سائين علي دوست
کي ” اڻ وٺو ٿر بـ ايترو ئي موھيندو آھي جيترو وٺل ٿر ” آئون ڪتاب ۾ اوھان سان گڏ
ڪيترو ھلان دل تـ چئي ٿي آخري پني تائين ھلان پر وري سوچيان ٿو ھن ڪتاب جا منظر
جيڪڏھن آئون اوھان کي پنھنجي اشد آڱر جي اشاري سان ڏيکاريندو ھلندس تـ اوھين اھي
سڀ منظر پاڻ پنھنجي طور ڪيئن ڏسندا . اوھين ننڊ ۾ خواب ڏسندا آھيو ننڊ جا خواب جاڳ
جي خوابن کان ڀلا ھوندا آھن. جاڳ جي خوابن جي ساڀيان جو سفر ٿڪائيندڙ ھوندو آھي.
مايوسي ۽ اميد جي وچ ۾ ھلڻو پوندو آھي. انھي ڪري مونکي تـ ننڊ جا خواب وڻندا آھن .
سائين خاڪا
لکڻ جي فن تي ڳالھائيندي لکيو آھي تـ ”
صحيح معنئ ۾ خاڪو لکڻ ڪنھن خواب کي پوٽريٽ ڪرڻ برابر آھي . پنھنجو پاڻ کي مائينس
ڪرڻ کانسواءِ توھان ڪنھن کي ٽربيوٽ ڏئي ئي نٿا سگھو. جڏھن پاڻ جاءِ خالي نـ ڪبي تـ
ٻي لئـ جاءِ ڪٿان ٺھندي” ھاڻ اوھان جي اڳيان ھن جا جملا رکان ٿو اوھين پاڻ انھي
مان اميج ٺاھيو ڪيفيت ٺاھيو محبت ڪريو نفرت تـ ھن وٽ آھي ڪونـ انھي ڪري نفرت ڪونـ ملندي .
جيڪو ڀاڳيو جنھن مال وارو ھوندو آھي انھي مال جون
خاصيتون ۽ طبيعت انھي ڀاڳئي جو حصو بڻجي وينديون آھن
ھن پنھنجي ھستي جو لڙڪ پنھنجي ھٿن سان اگھيو
تواريخ فلاسافرن جي اڳيان ۽ شاعرن جي پٺيان ھلندي آھي
ڪنھن جي چوڻ تي خاڪو لکڻ ايئن آھي جيئن ڪنھن جو ڪتبو لکڻ
ھن جو ٽھڪ پورو ٿي ويندو ھو پر پڙاڏو دير تائين پيو
گونجندو ھو
خبر ناھي ماڻھو ڪنھن ۾ ٿو جيئي ڪنھن ۾ ٿو مري الاھي
اولاد ۾ ، الاھي محبت ۾ ، الاھي شاعري ۾
اڳي روزي جو فڪر تـ ھوندو ھو پر ماڻھو جي بئماني جو ڀئو
ڪونـ ھوندو ھو.
بودلن جو قبرون قلندرن جي پيرن ۾ ھونديون آھن
آئون سمجھان ٿو جتي ڪو قلندر ھوندو اتي بودلو بـ ضرور
ھوندو
گھڻا ڏنڊا پيٽ ۾ اٿئي گھڻو ڪري ڀنگ ڪرڙ جي ڏنڊي سان
گھوٽبي آھي اھو ڏنڊو ڳرندو ننڍو ٿيندو ويندو انھي جي
جڳھ تي نئون ڏنڊو ايندو آھي انھي سوال مان موالي جي عمر ۽ تجربي جي خبر پوندي آھي
توھان جنھن سان پيار ڪريو ٿا ڪار جي ونڊ اسڪرين تان
توھان کي صرف اھو ئي نظر ايندو آھي
جي ھن جون اکيون ڏوھ ڪرڻ لڳن ھا تـ فرشتا ڏوھ لکي لکي
ڪتاب ڪارا ڪري ڇڏين ھا
ھن جي اڳيان ٽيبل تي ڪو شراب تي بوتل رکي ڇڏيندو ھو تـ
بوتل ايئن ئي ٽيبل تي پئي ھوندي ھئي. جيئن ڪنھن وقت شيخ اياز جي ھٿ ۾ اڻ دکيل
سگريٽ پيو ھوندو ھو
ھو دوستن جي ڪاڄ کي پٽن جو ڪاڄ سنگتي ڳائي ايندو ھو
ساز کي جيڪڏھن بي سورو( بنا درد وارو) ڇيڙيندو آھي تـ ساز بي چين ٿي پوندو آھي
اسان سن وٽان مٿو ادب مان ڍڪي مٽيندا ھئاسين
موھن ڪلپنا علي بابا کي خواب ۾ آيو اوچتو ڏسان ٿو موھن
دروازي تي بيٺو آھي
موھن تون ھتي ڪيئن آئين
ھو وراڻي ٿو
آئون جڏھن سنڌ مان ويس ٿي تڏھن ٿوري مٽي گڏ کڻي ويو
ھئس سا اڄ آئون واپس ڪرڻ آيو آھيان .
مون ھتي بـ صفا گھٽ جملا رکيا آھن انھي ڪري جو آئون جيڪي
انڊرئاين ڪري ويو آھيان اھي گھڻا جملا آھي . جملا نـ اميج آھن ڪجھ خواب آھن گھڻي
محبت آھي ٿورو ڏک آھي ڏک ورھاڱي جو ڏک ماڻھو کي نـ سڃاڻي سگھڻ جو ڏک علي بابا جو
ڏک نور محمد سومري جو پر اھو ڏک اوھين پاڻ محسوس ڪريو . ڪجھ شخصيتون سائين کي وجود
جو حصو آھن انھن ۾ سائين صادق سائين اسحاق علي بابا ۽ سائين جي امڙ اھي اوھان کي ھر ھر ملي سگھن ٿيون .
ڪتاب جو ٽائيٽل بلئڪ اينڊ وائيٽ ھجي ھا تـ سٺو ھو
محبت زندھ باد