توڙي
جو سندس نڙگھٽ جون رڳون رسين وانگي ڇڪجي آيون آھن ھن تي عمر پنھنجا پيرا ڇڏي ويئي
آھي. سندس ٽنگ ۾ ڪرڻ جي ڪري لنگ
آھي انڪري ھو ٿورو منڊڪائي ھلي ٿو .توڙي جو ھاڻي سندس گلي ۾ پاتل سون جي چين
گم ٿي چڪي آھي جيڪا سندس بوسڪي جي وڳي جي کليل گلي مان جاکندي ھئي ۽ ڊبل گھوڙو اصل جي وڙي وارو
شوق به ھن تياڳي ڇڏيو آھي
.
ھو
مٺ تي سگريٽ جو سوٽو لڳائي چپٽي جي ٺڪاء سان ٻورو ڇاڻيندي هو پنھنجي ڪٿا جاري ٿو رکي ته ان چپٽي جي آواز سان سندس ٻانهن ۾ ٻڌل واچ
به سنگيت وانگر وڄي ٿي
ان
ڳالهين جي ڳنڍ مان ڪيتريون ئي دردن جو
داستانون نڪرن ٿيون . هو سڏ ڪري چانھ ٺهرائي ٿو
چار پنج ڄڻا هجن ياپنجاه ھجن. چانھ ايندي پر هر ڪلاڪ تي ..جواب ڏبو ته به
زوري پياريندو.
بوسڪي
جو وڳي جي کليل گلي جنهن مان گنجي پئي نظر اچي پٽڪي جو به شوقين
آھي پر ڪڏهن مٿو اگهاڙو شوقين ته هو گهڻن ڳالهين جو آهي ڀليون مينهون ، ڀليون ڍڳيون
،ٻڪريون ، هڪ يا ٻه گهوڙا ،ڪڪڙ به صفا ڀلا
پر ميل نه ڪرائيندو مطلب صفا نج ڀاڳيو مال جي ڳالھ ڪبي ته ڪچهري جو موضوع ئي بدلجي
ويندو
مڌ
پيئڻ جوصفا لٺ شوقين ،روز جو هيراڪ پر رمضان جو چنڊ ڏساڻو ته گلاس بوتل رکي صرف
روزو نماز ڏينهن رات عبادت پر عيد تي وري بوتل هٿ ۾ ھوندي
شاعر
به صفا آخري ڏيپلي ڇا ڀرپاسي ۾ ان جي
برابري جو شاعر نه ملندو ٻولي جي خوبصورتي سان گڏ خيال به ڀلا مطالعو ٺپ نه ڪري .ڪتابن جا ونئون وڃي پر شاعري سندس عشق آهي
لال
ملوڪ منزل ڏيپلو تي وڏاشاعر توڙي فنڪار
اچي چڪا آهن هي ذڪر هلي پيو اسماعيل ميمڻ جو عجب جهان جو واسي آهي
شادي نه ڪيائين عشق ۾ تياڳي ھاڻ عمر سٺ تي پهتي آهي پر شوق جوان آهي .سندس ڀاء اڀراهيم
سيڪريٽري به فنڪارن کي نوازڻ جوشوقين
ڪو
دور هو سندس قميص جي ڪالر کان بٽڻ سون جا
هوندا هئس هڪ دفعو لال ملوڪ منزل ۾ محفل متل هجي فنڪار الهڏنو جوڻيجو هجي ملاح جي
شاعري تي پئسن جون ڪيئي دستيون ٻنهي ڀائرن گهوري ڇڏيون وڏي ڀاء
ابراھيم گلي ۾ پاتل چار تولن جي سوني
زنجير لاهي فنڪار جي گلي ۾وجهي ڇڏي شهر ۾ هل مچي ويو ته گهور ڀلي ابراهيم ميمڻ
سرائي ڪري ..
ساڻس
ڪيترن ئي ذاتين جو جذباتي تعلق آهي جيئن پير کي پوڄين ائين محبت ڪن ٿا ڪنڀار مڱڻهار، بجير ، فقير ، سومرن لاء ابراهيم وڏي ڳالھ آهي
ڇونه هجي نه صرف عزت محبت ڏيندو پر ڪم جي هڪل ڪر حاضر پئسي پنجڙ سميت
هي
لوڪ روايتن جا امين آهن .ميمڻن ۾
وري جهڙا ٻروچ هجن جهيڙي کان نه لهرائين ڪير گلي پئجي ويو سبق سيکاري ڇڏين هڪ
صوبيدار شايد چانڊيو هجي جهيڙو ٿي پيوڏاڍي
مار ڏئي سيکت ڏئيي ڇڏيآئون همراه جيئن ويو وري نه واپس آيو
ڳالھ
اسماعيل کان شروع ٿي ابراهيم تي پهتي ته اسماعيل سان سنڌي ادبي سنگت شام ملهائي ٿي
ساڻس گڏ وڇڙي ويل فنڪار آزاد روي ڏيپلائي
سان به شام هئي .فيصلو ٿيو ته اسماعيل کي اڄ رات پيئڻو ناهي متان محفل ۾ آيل اديبن
مهمانن سان ڪا تلخي ٿئي . سڀ واعدا وچن ڪري اٿيا پر پروگرام واري رات واعدا وسري
ويا
صادق
فقير به چوندو هو اسماعيل ماڻهو ڀلو تهڙو شاعر ڀلو پر....
لوڪ
ادب جي رومانوي قصن ۾ ماروي ء سسئي سندس
پسند جا ڪردار بهادري م دودو سومروجي واکاڻ ڪندو .تڏي جو خان لوڪ روايتن جو امين
آهي. جي شاعري جي ڇپرائڻ جو پڇبو ته ها بابا ضرور اهو ڪم ڪنداسين
عمر
جا اڇا وار سندس قلمن کي اڇو ڪري ويا مٿن مينڌي جي لالاڻ لڳي وئي .هو سيڪريٽري جي نوڪري تان رٽائرڊ ٿي چڪو آهي
.پر شاعري سندس پهرڻ اوڍڻ آهي .ڏيپلي جي غلام شاه واري درگاه جي چوڪ تي ڪڏهن ڪڏهن
نظر اچي ٿو .سلام دعا ٿئي ٿي . شام جو سج اولھ ڀٽ جي گود سمهي ٿو ته دردن جو
داستانون کلي پون ٿيون هڪ شاعر جي اک خواب ئي ڏسي سگهي ٿي ٻيو ڇا ڏسي .عشق جي
داستان جنھن کيس ان سزا جو اسير بنايو جو شادي کان انڪار ڪري .زندگي زنده گذارڻ
بدران شاعري سان ٿو گذاري
تو
ڪڏھن آھي ڏٺو ماهتاب تارن کان پري
پوء
ڀلا ڪيئن ٿو گذارين يار يارن کان پري
ھن
شهر سان دل آ تنهنجي ڪري
تڏهن
تنهنجي گلي ۾ پيا روز ڦرون
او
سانوري سهڻي کول دري
پري
کان ئي پيا ديدار ڪريون
1956 ڏيپلو جي ڳوٺ سرو ۾ محمد صالح ميمڻ جي اڱڻ
۾.جنم وٺندڙ پنجن ڀائرن ۾
ٽيون نمبر آھي شروعاتي
تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ وٺندڙ اسماعيل ھجرت جو درد تڏھن سٺو جڏھن
شاندار شھر سري کي ايڪھتر جي جنگ ۾ انڊين فوج جي قبضي ۾ ڏٺو سندس والد مالدار ۽ ڀاڳيو ھو.شاعري جي سفر ۾ ھن لنئون لطيف سان لڳي ويئي ۽ ملاح ته سندس من ۾ ويھي رھيو .جڏھن عشق جي آوي مان پچي لال ٿيو ، سندس انداز بدلجي ويا سندس پير ڪنھن ڄانگري ٻير ۾ ڦاسي ويو ،برھ جي باتين اکين جي ارڏاين ۽ تنھاين سان شاعري ۾ روح اچي ويو ڪجھ سال روينيو ۾ نوڪري بعد بلديات کاتي ۾سيڪريٽري بڻجي ويو .لکندي ورھيہ گذري ويا جو سندس شاعري جو مواد ٽن چئن ڪتابن کان سرس آھي .جي شاعري ساڻس ريجھيل ھجي تـ ويٺي ئي غزل وارد ٿي پوندو آھي ."اڪثر ڪري لکندو ناھيان بس ياد ئي رکندو آھيان مون کي چوي ٿو .ھاڻ شھرت ۽ واھ واھ جي سڪ ناھي رھي بس زندگي پيا مڙئي ڪٽيون .رات جي پھر وانگر گذري ويندي ء اسين ڀي وري وينداسين اھو ئي ته دستور آھي .ھاڻ ستر جي پيٽي ۾ پھچي زندگي جي حقيقتن کان واقف ٿياسين سري جون يادون ،باتيون،عشق ۽شاعري زندگي جو سرمايو آھن ".برھ جي باتين ۽ ڪيل قولن تي بنواس ورتل ڪوي جي وجود ۾ ڏيپلو وسيل آھي ھن شھر سان دل آ تنھنجي ڪري جون ڳالھيون ڪري اسين به هنڌ پياسين ۽ اسان جي چانھ جي خالي ڪوپن ۾ سري جي مٽي جي سڳنڌ رھجي ويئي