News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب بلاگ

سوچي ڏسو جي سوچي سگھو ٿا تـ



سوچي ڏسو جي سوچي سگھو ٿا تـ
ياسين جوڻيجو
18 Mar 2026

views 128

 

 

شاعر جي سوچ سان ڏسجي تہ دنيا ۾ ٻيو ڪجھ بہ ناھي سواءِ محبت جي روڳَ جي. شاعر جي خواھش کي سمجھجي تہ حاصلات بس ھڪ ڀاڪُر آھي. شاعر جي لفظن کي پيڙِھي ڏسبو تہ ڌوڪا قدم قدم تي نِچوڙجي نڪري ايندا. شاعرن کي ڏسبو تہ تضادن جون سمجھاڻيون بہ سمجھ ۾ ئي نہ اينديون!.

ڪھاڻيڪارن جي ويجھو وڃي ڏسبو تہ ڪردار پاڇا بڻجي سڃاڻپ وڃائي ويھن ٿا يا شايد ڪھاڻيڪار ھمٿ وڃائي ويھن ٿا!. ڪھاڻين ۾ تشبيھون زندگين سان ٺھڪي بيٺل ناھن ھونديون. زندگيون تہ سِڌيون ساديون آھن. تڪليفن ۽ خوشين جي ھَلڪي اَڻَ سِکيل راڳڻيءَ کي اگر ڪنھن پوٺي تان گُنگنايو وڃي، ان لَئِہ جيان، ان تالَ جيان. فڪشن واري اُڻَتِ تہ ذھني عياشي آھي، جيڪو جيتري افورڊ ڪري سگھي جيڪو جيترو شعور کي ولوڙي سگھي.

فلِسَفِيءَ جي مَسُ مان لفظن کي ھارِيو ويندو آھي تہ جيئن نئين جَدِوَلِ جا ليڪا ڪڍي سگھجن. اھري جدول جيڪا ڪنھن کي بہ سمجھ ۾ نہ اچي پر سڀ انھن ليڪن تي ھلندا رھن، وٽن ٻي ڪا واھَ نہ ھجي ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان اھا ئي جَدولِ معنائون حاصل ڪري وٺي، پوڄا لائق نظريو ٿي وڃي. ان تي اعتراض ڪرڻ قتل جھڙو ڏوھ ٿي پوي.

سَندون ڏيندڙ تعليمي ادارن ڪاغذ تي پاتل ليڪن کي ڊگريون ڏنيون آھن. احساس ڪنھن بہ اعليٰ ثانوي يا غير ثانوي بورڊ يا ڪنھن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان عطا ناھن ٿيندا. انسانيت ڊگرين جي ڪري نہ ئي ناپيد ٿي آھي نہ ئي واڌ ويجھ کاڌي آھي. انسانيت تہ بس انسانن جي ھجڻ سبب بہ گھڻي واڌ کاڌي آھي ۽ گھڻي کوٽ جا حربا بہ ھالايا آھن.

شاعر اگر ڪنھن گھڙي، محض ماڻھو ٿي پوندو تہ کيس ماني گھربل رھندي. مانيءَ کي ماڻڻ لاءِ ڊگريءَ جو ھٿ ۾ ھجڻ ضروري آھي. ڊگري تيستائين ميسر نہ ٿي ٿئي جيستائين فلسفين جون جدولون رَٽو ڪري پيئجن نٿيون. ماڻھو سمورا مگر دنيا جي ھِن گولي تي سڀ شاعر نہ آھن. محض ماڻھو آھن يا تہ ماڻھون بہ ناھن، الائي تہ ڇا آھن. ڇو تہ کين صرف ۽ صرف ماني نہ پر گھڻو ٻيو ڪجھ بہ گھرجي.

اھو جيڪو ڪجھ بہ ٻيو آھي، ان کي نڪ نہ ھجڻ باوجود ان جي سِڌائي ايڏي سڌي آھي جو ڪجھ لمحن جي سمجھانيءَ کانپوءِ پَسي سگھبو تہ گھڻي ڪجھ جي آخري منزل جنگ آھي، جھيڙو آھي ۽ قتل آھي.  ڏاڏي جي پٽن مان جيڪو ھڪ اسانجو مقتول چاچو ھيو ان تي ماتم اڄ تائين ڪنھن بہ ڀائيٽي ناھي ڪيو!، نہ ئي ڪانوَ کي ڪنھن ساراھيو آھي، جنھن اسانجي اَبي کي ڀاءُ جي قبر کوٽڻ جي ٽريننگ ڏني.  سوچي ڏسجو صرف ان پوائنٽ تي اگر ڪانءُ اسانجي اَبي کي، جنھن پنھنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، ماڻھو مٽيءَ ۾ دفن ڪرڻ جي تربيت نہ ڏئي ھا تہ لاشن جي ڪري ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيتري بُوءِ ۽ بيماري ڦھلجندي رھي ھا! ان ڪھاڻيءَ ۾ سائنس بہ آھي تہ فلسفو بہ.

سائنسدان سيکاريندا رھيا آھن تہ بي ساھيون شيون کلئي عام رھنديون تہ بيماريءَ جو سبب بڻجنديون. اڄ جا سڀئي ماڻھو، نہ تہ شاعر آھن، نہ ڪھاڻيڪار آھن، نہ فلسفي ۽ نہ ئي احساس وارا. اسانجا اھي ڪھاڻيڪار جيڪي فلسفي جي جدول ۽ انسانيت جي احساس جو اڌ سمجھي سگھيا تِن ڇا تہ تقديس جھڙيون ڳالھيون ٺاھيون، تن آڳاٽن تھائين گھڻن آڳاٽن ڀائرن جي وچ ۾ بہ جنگ کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو.

نتيجي ۾ پيغمبرن، مذھبن، رنگن، نسلن، سڳن، ماٽيلن بنيادن تي جنگيون بنان ڪنھن ڪاما، فل اسٽاپ جي جاري رھنديون آيون آھن. پر ھڪڙا فلسفي اھڙا بہ آھن جيڪي چون ٿا اگر ڪوئي بہ گوشت جائز نہ ھجي ھا تہ دنيا ۾ جانور ايڏا گھڻا ھجن ھا جو ماڻھن کي اُسرڻ ۽ نِسرڻ ئي نہ ڏين ھا. ۽ اگر جنگيون نہ لڳن ھا تہ ماڻھو ايڏا ھجن ھا جو اناج اَڻ لڀ ھجي ھا.

ھاڻي بہ ڪروڙين انسانن کي اناج اَڻ لڀ آھي. ھڪ طرف ضعيف، وڏي عمر وارن لکين ڪُراڙن جي زندگي بچائڻ تي اربين کربين روپيا علاج جي نامَ تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. اھي وسيلا اگر پنجاھ سالن کان وڏن پوڙھن کي بچائڻ بجاءِ نوخيز نوجوانن کي کاڌي ۽ ڊگرين ڏيڻ تي خرچ ڪيا وڃن تہ ڪيترن شاعرن کي اُھي محبوبائون ميسر ٿي پونديون جيڪي کاڌ خوراڪ نہ ھجڻ جي ڪري ڪمزور ۽ نَِٻل ھونديون آھن، سندن رنگ صاف سٿرو ناھي ھوندو، اھي ڪنھن ريسٽورينٽ اندر ويھي رومانٽڪ گفتگو ڪرڻ بجاءِ يورپ جي ريسٽورينٽ ٻاھران ڪو ساز وڄائي، ايشيا جي ريسٽورينٽ ٻاھران، ريڙھو لڳائي يا پِنندي حياتي گذاريندي آھي، آفريقا ۾ ايڊز جو شڪار ٿي مرندي آھي ۽ ڪھاڻيڪار جي قلم جو کاڄ ٿي ويندي آھي جيڪو کيس زناڪار ھٿان رات جو گھر ويندي راھ ۾ مارائي جھندو آھي. ۽ ان جي بنياد تي فلسفي نوان نظريا سوچڻ شروع ڪري ڏيندا آھن. جن جي بنياد تي احساس بنان مانھو ڊگري وٺي قانون جوڙي جيئڻ وڌيڪ جنجال ڪندا آھن.

چوڻ جو مطلب اھو آھي تہ جنگيون رڪجڻ جون ناھن، ان ڪري ان پھلوءَ تي سوچي وقت خراب نہ ڪيو تہ جنگين جي ٿيڻ کي روڪي سگھجي ٿو. جنگيون انسان جي ضرورت آھن. انھن جي مخالفت پڻ چڱو فعل آھي. اھو بہ ڪري سگھجي ٿو. شرط اھو آھي تہ مخالفت ڪرڻ واري جي مَنَ  ۾ احساس ھجي. ڊگريءَ جو ھجڻ يا نہ ھجڻ بي معنيٰ آھي.

اِن تي بہ سوچجو تہ اگر جنگيون نہ ھجن ھا، جنگين ڪرڻ وارا ۽ ڪرائڻ وارا بہ نہ ھجن ھا تہ جنگين ۾ اڳواڻي ڪندڙن سان عقيدت ڪندڙ، انھن جا پوئلڳ انھن جي شان ۾ قصيدا لکڻ وارا، انھن لاءِ تقديس ۾ ٻڏل ڪھاڻيون ۽ فلسفا لکڻ وارا ڇا ڪن ھا!؟

جنگيون ۽ انھن جنگين جو سامان پيدا ڪرڻ وارا نہ ھجن ھا تہ جنگين جا مخالف ھجن ئي نہ ھا ۽ اگر اھي نہ ھجن ھا تہ امن جا نعرا، گيت، ڪير لکي ھا ۽ ڪير ڳائي ھا. ڪير انقلابي ڪھاڻيون پڙھي سُرخ ، پيلين ۽ ساين تحريڪن جو حصو بڻجي اھي فلمون ٺاھي ھا، اھي ڌنو ترتيب ڏي ھا، اھي ڪتاب ۽ ڪھاڻيون لکي ھا جيڪي اسان کي وڻن ٿيون، تما گھڻيون وڻن تيون. سوچي ڏسجو.  


تبصرا
تبصرو لکو