برطانوي راڄ جي شروعاتي دور ۾، جڏهن سنڌ جي ڌرتيءَ تي نوان
انتظامي نقشا ٺهندا پئي ويا، تڏهن 1902ع کان 1904ع جي وچ ۾ بدين ريلوي لائين جي
تعمير شروع ٿي. اها صرف لوهه جون پٽريون نه هيون، پر وقت جي ڌڙڪن سان جڙيل اهڙو
رستو هو، جنهن سنڌ جي زرعي خوشحالي کي سامونڊي بندرگاهن سان ڳنڍيو. 1908ع ۾ تاريخي
بدين ريلوي اسٽيشن جو قيام، ان خواب جي تعبير بڻيو، جيڪو ان وقت جي نارٿ ويسٽرن ريلوي جي وسيع نيٽ ورڪ
جو حصو هو ۽
پوءِ وقت سان گڏ پاڪستان ريلوي ۾ ضم ٿي ويو.
هيءَ ريلوي لائين سنڌ جي زرخيز زمينن جي خوشبوءَ سان ڀريل
هئي. بدين، ماتلي، گولاڙچي، تلھار ۽ ٽنڊو باگو جي کيتن مان نڪرندڙ چانور، ڪپهه، ڪڻڪ
۽ تر جڏهن ٽرينن وسيلي ڪراچي جي بندرگاهه تائين پهچندا هئا، تڏهن رڳو واپار نه ٿيندو
هو، پر علائقي جي معيشت ۾ نئون ساهه پڻ پوندو هو. ان رستي تي هلندڙ مسافر ۽ مال
بردار ٽرينون آبادگارن، واپارين ۽ عام ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي روانيءَ جو اهم وسيلو
بڻيل هيون.
بدين
حيدرآباد ريلوي لائين تي حيدرآباد جنڪشن، ٽنڊو محمد خان،
تلھار، ماتلي ۽ بدين جهڙيون اهم اسٽيشنون صرف آمدرفت جا هنڌ نه هئا، پر سماجي ميل
ملاقاتن جا مرڪز هئا. ننڍڙا هالٽ اسٽيشنون ڳوٺاڻن لاءِ شهرن ڏانهن سفر جو آسان
ذريعو بڻيل هئا. ٽرين جي سيٽي، لوهي پٽرين تي ڦرندڙ ڦيٿن جي آواز ۽ اسٽيشنن تي
چانهه جي هوٽلن جي رونق، هڪ اهڙي دور جي شاهدي ڏين ٿيون، جيڪو هاڻي يادگيرين ۾
رهجي ويو آهي.
پر وقت جي وهڪري سان منظر بدلجي ويو. 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي
۾ روڊ جو
وڌندڙ ڄار، ريلوي ڍانچي جي ناقص سارسنڀال، آمدنيءَ ۾ گهٽتائي ۽ انتظامي لاپرواهي
هن تاريخي لائين کي آهستي آهستي ڪمزور بڻائي ڇڏيو. نيٺ 1991ع ۾ اها لائين غيرفعال ٿي
وئي، ۽ پٽڙين تي ڊوڙندڙ زندگي اوچتو ماٺ ۾ تبديل ٿي وئي.
سال 2009ع ۾ بدين مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر
فہميده مرزا جي ڪوششن سان ريلوي
لائين کي ٻيهر جيئاريو ويو. ڪجهه عرصي لاءِ اسٽيشنن تي وري رونق موٽي آئي، پر
2020ع ۾ ڪورونا وبا جي عالمي بحران هن اميد کي ٻيهر جهٽڪو ڏنو، ۽ ريلوي جي هلچل ٻيهر بند ٿي وئي.
اڄ به بدين، ماتلي، تلھار، پيرو لاشاري ۽ ٽنڊو محمد خان جا
اسٽيشن خاموش بيٺل آهن
وقت جي ڌوڙ سان ڍڪيل، پراڻين پٽرين ۽ ڀڳل ڇتين سان گڏ.
تجاوزات ۽ مالي وسيلن جي کوٽ بحاليءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. بهرحال، مقامي
رهواسين جي دلين ۾ اميد جو ڏيئو اڃا وساميو ناهي. انهن جو يقين آهي ته ريلوي جي
بحالي نه صرف بدين جي زرعي معيشت کي ٻيهر زندگي ڏئي سگهي ٿي، پر روزگار جا نوان در
پڻ کولي سگهي ٿي.
بدين ريلوي لائين اڄ به پنهنجي تاريخي اهميت سان گڏ هڪ سوال
بڻيل آهي: ڇا وقت جي هن خاموشيءَ کي ٻيهر ٽرين جي سيٽي ٽوڙي سگهندي؟ جيڪڏهن ارادو
۽ وسيلو گڏ ٿين، ته شايد اهي پٽڙيون ٻيهر سنڌ جي زرخيز ڌرتيءَ کي ترقيءَ جي نئين
سفر تي وٺي وڃن.