News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب شخصيت

.غلامي ھاليپوٽو جنھن لئـ فاضل راھو سياسي اوتار ھو



.غلامي ھاليپوٽو جنھن لئـ فاضل راھو سياسي اوتار ھو
اقبال ھاليپوٽو
13 Mar 2026

views 312



هاڻ جڏهن عمر جو سج ورهانڊ جي ويل کي وڃي پُڳو آهي، تڏهن نه رڳو هن جي وارن تي چاندي لهي آئي آهي, پر هاڻ ٿورو سفر ڪرڻ سان سندس سينو ساھ سان ڀرجي اچي ٿو.اهو سرڪش سينو جنهن ضيائي آمريت جي تميز کان وانجهيل دور ۾ به  ڪڏهن ڪون گهٻرايو بلڪه قيد خاني جي لوهي سلاخن پويان اچڻ واري انقلاب جو تصور ڪندي وڌيڪ ويڪرو ٿي پوندو هو.

اهو سينو جنهن ۾ ڌرتيء ماتا جو عشق تيز تيز ڌڙڪيو ٿي. عشق به اهڙو جيڪو هر غرض کان پاڪ، هر طمع کان مٿانهون، ٺيٺ نبار ۽ غير مشروط هو.

سچ اهو به آهي ته ان غير مشروط عشق جي جيڪا ڪاڪ سندس دل ۾ آباد هئي ان جو راڻو مينڌرو، شهيد فاضل راهُو هو.

اڄ به جڏهن ڪير فاضل جو ذڪر ڪندو آهي ته سندس اکيون روشن ٿي پونديون آھن ۽ جذبا جواني جي چهچ سائي ٽاريء تي جهُومڻ لڳندا آھن.

فاضل راهو جي ذڪر تي هي 72 سالن جو جهونڙو انقلابي وري نوجوان ٿي پوندو آهي.

سال 1956 جي جولاء مهيني جي گرم ڏهاڙن ۾ ٽنڊي باگي جي ڀرسان آباد هڪ ننڍڙي ڳوٺ بچو هاليپوٽو ۾ سائين محمد جمن هاليپوٽي جي گهر جنم وٺندڙ ھن شخص اسڪول جي زماني کان ئي بي رحم سياست جي پُرخار رستن تي سفر ڪرڻ شروع ڪيو هي اهو سفر هو جنهن جي منزل انقلاب ھئي. ( اھو انقلاب جنھن کي ياد ڪري ھاڻ ھڪڙي ڦڪي مرڪ سندس چپن تي ٽڙي پوندي آھي)

۽ رهنما يا رهبر راهوڪي جي مٽي  جو انمول هيرو شهيد فاضل راهو هو.ايئن کڻي چئجي تہ فاضل راهو، غلام رسول هاليپوٽي جو سياسي اوتار هو.

فاضل ھڪ اھڙو يگانو ڪردار ھو. جنھن جي سراپا محبت شخصيت جن هزارين دلين کي پنهنجي ڪامڻ سان ڪکيو، انهن دلين ۾ هڪڙي دل ان غلام رسول هاليپوٽي جي به هئي. جنهن کي سندس اسڪول جي زماني کان وٺي دوست رهندڙ ۽ سياسي همسفر مرحوم روپ چانڊيو ادا غلامي چئي مخاطب ٿيندو هو.

۽ اھو نالو ادا غلامي مشھور ٿي ويو، اڄ بہ ڳوٺ جي ننڍن وڏن کان وٺي سندس دوست کيس ادا غلامي جي نالي سان ئي ياد ڪندا آھن.

اهو عوامي تحريڪ جي سياسي عروج جو دور هو ۽ سنڌ ۾ ضيائي مارشلا جو ڪارو ۽ سفاڪ دور، هر سوچيندڙ ۽  آواز بلند ڪندڙ فرد تي سنگبازي ڪري رهيو هو جنهن جي خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ميدان جنگ ۾ جدوجهد جو علم هٿ ۾ کڻي ضيائي آمريت کي جنهن سگھ جي آڌار للڪاري رهي هئي. اها سگھ عوامي تحريڪ ۽ فاضل شهيد جا اهي سرفروش عاشق هئا جن کي نه ڪنهن عهدي جي لالچ هئي نه ڪنهن ڪرسي جو جادو انهن کي موهي ٿي سگهيو.

هي ته چريا مٿي ڦريا ماڻهو مٽي جي محبت ۾ ميدان تي ڄمي بيٺا هئا!

پوء جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ، جيل ڀريو جي نالي سان هڪ احتجاجي مهم هلائي هئي، جنهن ۾ ضياءُ جي ظُلم خلاف ايم آر ڊي جي اسيرن پنهنجون گرفتاريون رضاڪاراڻا طور تي پيش ڪيون پي تڏهن جواني جي انهن چنچل ڏينهن ۾ جيڪي ڏينهن محبوبا جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي بهشت جهڙا خواب ڏسڻ جا ڏينهن هئا انهن ڏينهن ۾ غلام رسول هاليپوٽي ٽنڊي باگي ٿاڻي تي پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي.

جنهن کي پوء چالان ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي هُن کي قيد سان گڏوگڏ شديد جسماني تشدد کي  پُڻ برادشت ڪرڻو پيو.

انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ اڪبر هاليپوٽو ۽ مائٽ غلامحمد هاليپوٽو، طاھر ھاليپوٽو، ڪامريڊ حاجي ھاليپوٽو به سياسي قيدين جي صورت ۾ لوهي سلاخن جي پُٺيان هئا. جن مان اڪبر ۽ غلام محمد ھاليپوٽو تي ايترو شديد جسماني تشدد ڪيو ويو جو آزادي وقت انهن جي ڪمزور جسم ۽ مرجهايل چهري سبب کين مائٽ به پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگهيا هئا.

غلام رسول هاليپوٽي جي شعوري اوسر ۾ جيل جي ماحول جو به وڏو هٿ رهيو.

جتي سياسي ۽ نظرياتي ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ انهن جون ڪچهريون ۽ ليڪچرر ٻُڌڻ، سياسي ۽ نظرياتي ڪتاب پڙهڻ لاء مليا جن کيس وڏو فائدو ڏنو.

عوامي تحريڪ جو ذڪر رسول بخش پليجي صاحب جي ذڪر کان سواءِ اڌورو محسوس ٿيندو، ڇا ڪاڻ تہ عوامي تحريڪ ھڪ سياسي تنظيم سان گڏ شعور، فڪر نظريي جي هڪ وڏي درسگاهه پڻ رھي آھي، جنھن جي پٺيان رسول بخش پليجي جو اھم ڪردار رھيو. جڏهن ادا غلامي پنهنجي ماضيءَ جي سارڻين کي ياد ڪندي جڏھن عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجي صاحب بابت ڳالهائيندو آهي ته سندس گفتا ٻڌڻ جھڙا ھوندا آھن. بھرحال عوامي تحريڪ غلام رسول هاليپوٽي جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن سندس سوچ کي وڌيڪ پختو ڪيو ۽ جدوجهد جي راهه تي مضبوط بيهاريو. اھا الڳ ڳالھ آھي تہ ھو پوءِ نظرياتي اختلافن جي ڪري پارٽي کان الڳ ٿي ويو ۽ پنھنجي وقت جو ھڪ متحرڪ سياسي ڪارڪن پنھنجي گھر تائين محدود ٿي ويو.

غلام رسول هاليپوٽو جي اها سياسي ۽ فڪري تربيت صرف سندس ذات تائين محدود نه رهي، پر سندس اولاد تائين به منتقل ٿي. سندس پٽ منور هاليپوٽو جديد سنڌي شاعري ۾ هڪ خوبصورت شاعر طور پاڻ کي مڃائي چڪو آھي. منور پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي  ديس جو آواز بڻجي وڃي ٿو ۽ سندس شاعري ۾ مٽي جي خوشبو کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. اھو سڀ ڪجھ ھن کي پنهنجي پيءُ غلام رسول هاليپوٽو کان ورثي ۾ مليو آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيو پٽ مختيار هاليپوٽو پڻ سياسي ميدان ۾ سرگرم آهي ۽ جسقم ٽنڊي باگي جو صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته غلام رسول هاليپوٽو جنهن جدوجهد جي سفر جي شروعات ڪئي هئي، اهو سفر اڄ به سندس اولاد ۽ ساٿين جي ذريعي جاري آهي، ۽ ڌرتي، حق ۽ شعور جي اها مشعل هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندي رهي ٿي.


تبصرا
تبصرو لکو