اسپورٽس ڊيسڪ انڊر نائنٽين مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻئي گروپ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. نيوزيلينڊ جي ٽيم پھرين بيٽنگ ڪندي 110 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان عبدالسبحان 4 ۽ علي رضا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان گهربل حدف ارڙهين اوور ۾ صرف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. سمير منهاس شاندار بيٽنگ ڪندي ناقابل شڪست 76 رنسون ٺاهيون، جنھن ۾ 10 چوڪا ۽ ٻہ ڇڪا شامل هئا. عبدالسبحان کي شاندار بالنگ ڪرائڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو