نارا
ڪئنال سنڌو درياهه جي سکر بئراج مان نڪري اٽڪل 365 ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري عمرڪوٽ
ضلعي جي ڍوري ناري شھر ويجهو فرش موري وٽ پنهنجي آخري ريگيوليٽر تي پهچي ٿو. جتي
ٿر ڊويزن جو هڪ سب ڊويزن هيڊڪوارٽر به آھي.
هاڪڙا ندي جي هاڻ نارا ڪئنال سڏجندڙ هن وهڪري تي
هتي هونئن ته ڪلهوڙا دور ۾ 1750ع ڌاري ٺھيل هڪ ريگيوليٽر سسٽم هجڻ جا نشان به ڏٺا
ويا هئا، ڪلهوڙا دور ۾ هتان ھيٺ ٿر واھ، عمرڪوٽ واھ ۽ نور واھ جي نالن سان واھ
ڪڍيا ويا هئا “نور واھ“ تي اهو نالو به ان خاندان جي هڪ حڪمران ميان نور محمد
ڪلهوڙي پويان رکيو ويو هو.
ٽالپرن جي صاحبي دوران آبپاشي ۾ هتي ڪو وڏو ڪم
ٿيڻ جي شاهدي نٿي ملي پر سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد انگريزن فرش موري ريگيوليٽر تي هڪدم
ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو.
سيٺ
نائو مل پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ به نارا ڪئنال کي ڪلو ميٽرن جي پکيڙ ۾ وهندڙ
“ڍوري“ مان سوڙھو ڪري ڪئنال بنائڻ بابت لکيو آھي. ان رٿا دوران هاڻوڪن شھرن ۽
تڏھوڪي ڳوٺن ٽنڊو مٺاخان ۽ ڀٽ ڀائتي وٽان ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگها بند ٻڌي اهي شهر ۽
ٻيون وسنديون جيڪي ان کان اڳ ڍوري جي ٻيٽن تي هيون انهن کي ڪئنال جي ڪناري تي آندو
ويو هو.
اهڙي ريت 1932ع ۾ سکر بئراج مڪمل ڪرڻ کان اٽڪل
اڌ صدي اڳ 1877ع ۾ ئي فرش موري کان هيٺ 18 هين صدي جي اڌ کان وهندڙ ٿر واھ، ڪوٽ
واھ ۽ نور واھ کي بهتر بڻايو ويو هو، صوفي فقير شاخ، ڊسٽري شاخ، هيرل واھ ۽ سرهاڙي
شاخ وهائڻ سان گڏ ٻوڏن جو پاڻي ڪڍڻ لاءَ ڪڇ جي رڻ جي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو
هاڪڙا ندي جو پراڻو وهڪرو بحال رکي ان کي به هتان ريگيوليٽ ڪندا رهيا هئا، هتي ان
وقت به درجنين مستقل ملازم هئا انهن لاءَ آفيسون ۽ رهائشي ڪوارٽر به هئا جيڪي هاڻ
ڊھي پٽ پئجي چڪا آھن.
1991ع ۾ فرش موري تي وزير اعظم نواز شريف پاران “مکي
- فرش لنڪ ڪئنال“ رٿا جي پيڙھ جو ڀٿر رکيو ويو هو پر افسوس
جو 35 سال گذري وڃڻ باوجود اها رٿا اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آھي!! گذريل ڪجھ
سالن دوران هتان جا 90 سيڪڙو واھ ۽ شاخون پڪيون ٻڌجي چڪيون آھن ۽ رهيل واٽر چئنلز
تي به ترتيب وار ڪم جاري آھي, سمورن واهن جا ريگيوليٽر به نوان ٺاهيا ويا آھن جنهن
سان هڪ طرف ضايع ٿيندڙ پاڻي بچڻ سان زرعي استعمال لاءَ پاڻي وڌي ويو آھي. سم ۽ ڪلر
۾ به گهٽتائي ٿي آھي. پاڻي جي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر سبب ڏهاڪن تائين غير آباد رهندڙ
زمينون وري آباد ٿي ويون آھن ان حساب سان زرعي پئداوار ۾ به اضافو ٿيو آھي پر واھ
پڪا ٻڌجڻ سان انهن جي ڪنارن تان وڻن جون قطارون ٻوٽن ۽ گاهن جون گلزاريون ختم ٿي
ويون آھن
سال
1877ع ۾ ٺھيل هڪ عاليشان هوادار ۽ ڪشادو انسپيڪشن بنگلو فرش موري جي خاص سڃاڻپ
رهيو آھي. گهاٽن ڊگهن وڻن جي هيٺان اٽڪل ڏيڍ صدي کان وڏي رعب تاب سان بيٺل بنگلي
جي هن خوبصورت عمارت کي ڊاهي ڪابه ڦير ڦار ڪرڻ کان سواءَ ان ساڳئي نقشي تي ٻيهر
ٺاهيو ويو آھي. هن بنگلي جي ڀر ۾ بڙ جو هڪ وڏو وڻ به بيٺل هو جيڪو ڪجھ سال اڳ سڪڻ
بعد ڪاٺي ڪاٺي ٿي ڪري پيو هو جيئن ته اهو وڻ هن علائقي جو سڀ کان وڏو وڻ ليکبو هو
تنهن ڪري فرش موري تان گذرندڙ عمرڪوٽ کپرو روڊ جا ڪيترائي باذوق مسافر هتي بيهي هن
وڻ کي ڏسي پوءَ پنهنجو سفر جاري رکندا هئا. بڙ جي هن وڻ جي سُڪي ڪرڻ تي نامياري
صحافي اسحاق مڱرئي هڪ تعزيتي ڪالم به لکيو هو. آبپاشي کاتي جي هڪ رٽائر ملازم
علاءُالدين جو چوڻ آھي ته بڙ جي ان پراڻي وڏي وڻ بابت اڳوڻن ملازمن کان ٻڌو هو ته
اهو هڪ انجنيئر پوکيو هو. وڻڪاري ۾ گهاٽي دلچسپي رکندڙ لال سنگھ سوڍي ڪجھ سال اڳ
بڙ جي ان وڻ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءَ اتي وڃي بڙ ۽ ٻين وڻن جون اڌ درجن کن چڪيون
لڳايون آھن پر انهن کي وڌي ان وڻ جيڏا وڻ ٿيڻ ۾ اڃا وڏو وقت لڳندو!
فرش
موري وارو هيءُ هنڌ اڳ خوبصورت ڏيهي توڙي پرڏيهي گلن ٻوٽن ۽ وڻن جي ڪري رنگين
باغيچي يا پارڪ جهڙو ڏيک ڏيندو هو پر هاڻ هتي صرف سفيدي جا ڪجھ وڻ وڃي بچيا آھن
تنهن ڪري هاڻ اهو هنڌ هڪ اجڙيل ويرانو لڳي ٿو!
هتان
جي بئراجي ٻھراڙي واري زندگي جي اهم حصي وڻن، چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت بابت ڏسجي
ته ڏيڍ صدي اڳ ناري ڪئنال ۽ انهن مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن جي ٻنهي ڪنڌين تي سوين
فوٽ سرڪاري زمين تي ٽالهي سرهن نم ۽ ٻين وڻن جون 4 قطارون هونديون هيون، وڻن تي هر
وقت ڪيترن ئي قسمن جا پکي لاتيون لنوندا رهندا هئا ۽ هيٺ وري مِرو، گدڙ، لونڪڙ،
سها، تتر ۽ ٻيا جهنگلي جانور، پکي، پوپٽ، ڀينپوريون ۽ ماکيءَ جون مکيون ان
خوبصورتي کي وڌائيندا هئا.
ڪنارن
جي ڪچي رستي مٿان انهن وڻن جي مڪمل ڇانوَ هوندي هئي بيلدار رسو ٻڌل بالٽيون واھن
مان ڀري روزانو ڪچي رستي مٿان ڇٽڪارون ڪندا هئا، قانون جي حڪمراني جي ڪري ماڻهو
انهن ساون وڻن کي وڍڻ بابت سوچي به نه سگهندا هئا، آبپاشي کاتي جي ان ڪچي رستي تي
صرف کاتي جون پنهنجون گاڏيون هلي سگهنديون هيون باقي زمينداري گهوڙن، گاڏين، بسن،
ڍڳي گاڏين ۽ ٻي ٽرانسپورٽ لاءَ لوڪل بورڊ جا الڳ رستا هوندا هئا.
اڇڙي
ٿر ۽ ناري پَٽ جي سنگم واري ڪَسَ جي هن پٽي تي روينيو آبپاشي ريلويز توڙي ٻين
سرڪاري کاتن جي سوين ايڪڙ غير آباد زمينن تي بئراجي توڙي باراني وڻن ۽ ٻوٽن جا
جهنگ، هُڙيون، جُوئا ۽ جُھڳٽا جام هوندا هئا جتي ڀاڳيا پنهنجو مال چاري سک جي
زندگي گذاريندا هئا. انهن چراگاھي زمينن تي ٻٻر ۽ ڪنڊي سميت هر مقامي وڻ هو ۽ بنا
موڪل ٽاريون وڍي ٻڪرين کي چاري سگهبو هو. سڪل ڪاٺيون گهر ۾ ٻارڻ لاءَ کڻي وڃڻ تي
پابندي نه هئي پر هاڻ کاتيدارن پنهنجي مهاڳن واريون آهي سرڪاري زمينون به قبضا ڪري
پنهنجيون بنائي ڇڏيون آھن، هاڻ بي زمين پورهيت ماڻھو هتي هڪ ٻڪري به نٿو رکي سگهي.
اهڙي طرح پنهنجو چوپايو مال رکڻ ۽ اهو چارڻ جو لاڙو ۽ ان سان لاڳاپيل روزگار به
ختم ٿي ويو آھي