ڪريڪ ڇا کي چئبو آھي
سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پاڻيءَ جا قدرتي رستا، جن کي “ڪريڪس”
چيو ويندو آهي، انڊس ديلٽا جو اهم حصو آهن. هي دراصل سوڙهيون سامونڍي گھاڙيون يا ڇاڙون
ھونديون آھن جيڪي سمنڊ جو پاڻي زمين اندر وٺي اچن ٿيون ۽ گڏوگڏ
درياء يا زمين جون پاڻي سمنڊ ۾ کڻي وڃن ٿيون.
350 ڪلوميٽر
ڊگهي سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ 17 مکيه ڪريڪس ۽ 50 کان وڌيڪ ننڍا يا موسمي وهڪرا پڻ
موجود آهن. اهم ڪريڪس ۾ سر ڪريڪ، ڪورنگي ڪريڪ، فتي ڪريڪ، جهري ڪريڪ، گھارو ۽ خوبار
ڪريڪ شامل آهن، جيڪي نه رڳو قدرتي خوبصورتي جو حصو آهن، پر ماهيگيري ۽ مقامي معيشت
لاءِ به حياتيءَ جو ذريعو آهن
سرڪريڪ ڇا آھي؟
پاڪستان
جي صوبي سنڌ ۽ ھندستان
جي
رياست گجرات جي وچ ۾ سمنڊ پکڙيل آھي. اھو سمنڊ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ورھايل بـ آھي. پر
انھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻنھي ملڪن جي سرحد تي سمنڊ جو لڳ ڀڳ ھڪ سئو ڪلو ميٽر تائين جو
سامونڊي علائقو اھڙو آھي جيڪو ٻنھي ملڪن جي
سرحدن ۾ نٿو اچي . انھي ڪري اھو ھڪ سئو ڪلوميٽر سمنڊ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ 1947 کان
وٺي تڪراري علائقو بڻيل آھي. اھو تڪراري سامونڊي علائقو ھڪڙي ڪريڪ آھي جنھن ڪريڪ
کي سرڪريڪ چيو ويندو آھي.
.تڪراري سر ڪريڪ جي ڪري ڪھڙا مسئلا
آھن
سرڪريڪ
جو تڪرار صرف زمين يا پاڻيءَ جي مالڪي جو سوال ناهي، سامونڊي سرحدي حد بنديون واضع نـ ھجڻ جي ڪري سمنڊ جيڪو مهاڻن لاءِ رزق جو ذريعو هو اھو
نوگو ايريا بڻيل آهي
اهڙو علائقو، جتي ٻيڙيءَ جو هڪڙو غلط رخ به
انسان کي سالن جي قيد ڏانهن ڌڪي ڇڏي ٿو. جيڪي مھاڻان انھي علائقي ۾ ڀلجي
مڇي مارڻ وڃن ٿا . انھن کي سرحدي فورسز گرفتار ڪري وٺن ٿيون. گرفتار ڪرڻ کانپوءِ
جيل موڪلي ڇڏين ٿيون .
گذريل
61 سالن دوران
انھي سرڪريڪ جي تڪرار جي نتيجي ۾
پاڪستان ۽ انڊيا جا لڳ
ڀڳ پنج
هزار کان وڌيڪ ماهيگير سامونڊي حدن جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ گرفتار ٿي چڪا
آهن. انهن مان ڪيترن لاءِ قيد جو عرصو ٻن سالن کان وٺي پنج ويه سالن تائين پڻ رهيوآھي.
اڄ
به ٻنهي ملڪن جي جيلن ۾ لڳ ڀڳ 700 ماهيگير قيد آهن، جن مان 70 کان وڌيڪ سنڌ جا
ماھيگير شامل آهن.
جيلن ۾ رھندڙ مھاڻن جا مسئلا
جيلن
۾ قيد
انهن بيگناهه انسانن بابت انساني حقن جي ادارن جا اطلاع ٻڌائين ٿا ته اڪثر قيدين
کي ذهني بيماريون، جسماني ڪمزوريون، ڊپريشن ۽ مستقل خوف وڪوڙي چڪو آهي. ڪيترن ئي قيدين
کي
جيل ۾ روزانو تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ جبري
پورهيو پڻ ورتو وڃي ٿو جيڪو عالمي انساني
حقن جي ڀڃڪڙي آھي..
لاڙ جي سامونڊي پٽي ۾ ڪيترا
ئي مهاڻا
اهڙا پڻ
آهن، جيڪي سالن جي قيد کان پوءِ جڏهن آزاد ٿيا، ته اھي پنهنجي خاندانن کي
سڃاڻڻ جهڙا به نه رهيا ھئا. اھي قيد ۾ ذهني توازن وڃائي ويھي رھيا ھئا.
ڳالهائڻ کان قاصر ٿي ويا
۽ مستقل خوف ۾ رهڻ جا
عادي بڻجي ويا ھئا. ڪيترن ته جيلن ۾ ئي
بيمارين سبب دم ڏئي ڇڏيو
بغير ڪنهن ڏوهه جي، بغير ڪنهن عدالت جي انصاف
جي ڪيترائي مھاڻا جيلن ۾ مري بـ ويا..
سرڪريڪ مسئلي جي حل لئـ پاڪستان ۽
ھندستان جي وچ ۾ ھيستائين ڪھڙي پيش رفت ٿي آھي ؟
سرڪريڪ
تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ 1969ع کان 2012ع تائين ٻارهن سفارتي دور
ٿيا، پر هر ڳالهه ٻولهه انساني زندگين کان وڌيڪ رياستي ضد جي نذر ٿي وئي. ٻنهي
ملڪن تڪراري سامونڊي حدن جي مالڪيءَ تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪيو، نتيجي ۾ اھو تڪرار نبري نـ سگھيو. .
انساني حقن جو قانون ۽ لاءِ آف سي
ڪنوينشن ڇا ٿو چئي؟
انساني
حقن جي عالمي قانونن تحت، خاص طور تي اقوام متحده جي 1982ع واري “لا آف سي”
ڪنوينشن موجب، ٻنهي ملڪن کي پابند ڪيو ويو هو ته هو 27 سالن اندر سرڪريڪ جو نبيرو
ڪن، ٻي صورت ۾ تڪراري علائقو گڏيل قومن جي تحويل ۾ ڏنو ويندو. اها مهلت 2009ع ۾
ختم ٿي وئي، پر اھو
تڪرار
حل نـ ٿي سگھيو نه
ئي گڏيل قومن جو
ادارو اقوم متحدھ پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائي سگهيو. .
.