News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ھنر ثقافت

اڃ اجھائيندڙ ڪاٺ جو ڦيٿو



اڃ اجھائيندڙ ڪاٺ جو ڦيٿو
اڪرم خيبر
20 Feb 2026

views 335


ٿرپارڪر جو ريگستان ڏسڻ ۾ خشڪ  آھي پر ھن جي اندر هڪڙي گهري خاموشي سمايل آهي،  ھي ريگستان  اڃ جي علامت رھيو آھي.  انھي ڪري ھن ريگستان  پاڻي حاصل ڪرڻ لئـ ڪيتريون ئي ايجادون ڪيون . جيڪي ايجادون ھن مشينري دور جي جدت  ختم ڪري ڇڏيون . انھن ايجادن ۾  حياتيءَ جي اڻ کٽ جدوجهد سمايل ھئي.۔ پاڻي ٿر ۾   ساهه، ساهوارن جي آس ۽ جيئڻ جي اميد آهي۔

کوھن مان پاڻي حاصل ڪرڻ لئـ ٿر جي ماڻھن جي قديم ايجادن مان ھڪ ايجاد  ڪاٺي جو ڦيٿو آهي، جنهن کي ٿر جا مقامي ماڻهو “ڀونڻ” سڏيندا آھن. اھا ايجاد  اڄ به ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ماڻھن جي حياتي جي گاڏي هلائي ٿي.

ڀونڻ ڪاٺ مان ٺاهيل اھو  ڦيٿو  آهي، جيڪو کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندو آهي۔ هي ڦيٿو گهڻو ڪري ڪنڊي جي ڪاٺ مان ٺاهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ  جو  ڪنڊي جو ڪاٺ ٿر  ۾ اڏوهيء جهڙي مرض کان محفوظ رهندو آهي۔ ڀؤنڻ ٺاهڻ ڪو عام ڪم ناهي؛ ان لاءِ پراڻي هنر، هٿ جي پڪائي  ۽ اکين جي ماپ گهرجي، اهڙا ڪاريگر هاڻي ٿر ۾ ناياب ٿيندا پيا وڃن. جيڪي ڪنڊي جي ڪاٺ مان کوھ جو ڀوڻ ٺاھي سگھن. .

اڳي  ٿر جي ڳوٺن ۾ ھر گھر وٽ الڳ ڀونڻ تـ ڪونـ ھوندو ھو پر ڳوٺ ۾ هڪ يا ٻه گھرن وٽ ڀونڻ ضرور هوندا هئا۔ جنھن گھر ۾ ڀونڻ ھوندو ھو. اھو گھر ڳوٺ ۾ شاھوڪار تصور ڪيو ويندو ھو. انھي وقت ڀونڻ جو شمار ملڪيت ۾  ٿيندڙ هو.

ٿر جي عورت لاءِ ڀؤنڻ وڏي اهميت رکندو هو۔ تيز گرمي، ٻرندڙ واري ۽ ڊگهي اوسيئڙي جي باوجود عورتون صبر، همت ۽ حوصلو سان ڀؤنڻ ۽ چڙسيءَ ذريعي پاڻي ڪڍنديون هيون،۔ هي ڪاٺي جو ڦيٿو سندن محنت، ساهس ۽ قربانيءَ جي بي آواز گواهي آهي۔

وقت سان گڏ نواڻ به ٿر جو دروازو کڙڪايو۔ بورنگ، موٽر پمپ ۽ هاڻي سولر نظام اچي ويا آھن انهن سهولتن زندگي کي ڪجهه آسان ته ڪيو آھي، پر ساڳي وقت ڀؤنڻ جهڙي روايتي سڃاڻپ گم ٿي وئي آھي.  اڄ ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڀؤنڻ  ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي۔

 انھن سڀني ڳالھين جي باوجود  اڄ بـ ٿر ۾  ڪٿي ڪٿي تڙ/کوهه مان پاڻي حاصل ڪيو وڃي ٿو. پر اتي بـ جدت اچي وئي  آهي، ڪنهن خراب مشينري جو ڦيٿو لڳايو وڃي ٿو . ٿر ۾  ڪي  کوهه  پنجاهه پرھ  تـ ڪٿي ويهه پُرهَه جا ٿيندا آھن . انھي ڪري انھن ٽائيرن تي ورت جو سفر اعتماد کان خالي هوندو آهي. انھي ڪري   ٿر جا پوڙها اڄ به چون ٿا ته مشينن تي ڀروسو ناھي.ھنن جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو ٿر جا ماڻهو وري سادن ۽ سگهارن وسيلن ڏانهن موٽ کائيندا . ڀؤنڻ جي خوبي اها آهي ته نه ھن کي ٻارڻ کپي، نه بجلي، نه ئي وڏي مرمت۔ هڪ ڀيرو ٺهي وڃي ته پيڙهين تائين ساٿ ڏيندو آھي.

ڀونڻ کوھ تي لڳل ڪاٺ جو اھو ڦيٿو آھي جنھن جي مٿان ورت  (رسو) ڇڪجي ٿي

اڄ به ٿر جي ڪجھ ڳوٺن ۾  ڀؤنڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪيو  وڃي ٿو. انھي ڀونڻ جي قيمت هزارين روپين تائين وڃي ٿي۔ ان تي هٿ جي گلڪاري ۽ روايتي سينگار ڪيو ويندو آهي، جيڪو ان کي رڳو اوزار نه، پر ٿر جو ثقافتي ورثو بڻائي ٿو۔ ڀؤنڻ ٺاهڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي وڃن ٿا، ۽ هي سمورو عمل ٿر جي ڏاهپ ۽ هٿ جي هنر جو پڪو ثبوت آهي۔

ڀؤنڻ جي ڪاريگر ڪاڪي ڏونگر ڀيل جو چوڻ آھي تـ ” اڳي مون وٽ ڀونڻ ٺھرائڻ  لئـ پري پري کان پنڌ ڪري ماڻهو ايندا هئا ۽ آرڊر ڏئي ويندا هئا جڏهن انهن کي سندن کوهه تي پهچائيندو هئس تڏھن اهو تيار ٿيل ڀونڻ  ڏسي  مونکي پنھنجي ولر مان ڀلي ٻڪري مزدوري طور ڪاهي ڏيندا هئا . ڀونڻ لاءِ ڳوٺ جو چڱو ايندو هو ته ترت ٺاهي ڏئيڻ  جو ڪوشش هوندي هئي پر اڄ الائي ڪيترا ڀونڻ منهنجي گھر جي اڱڻ تي ڪنهن ڳوٺاڻي  جي انتظار ۾ آهن۔

ڀؤنڻ رڳو ڪاٺ جو ڦيٿو ناهي، پر ٿر  جو تاريخي ورثو آھي .جيڪڏهن ڀؤن وسري ويو ته اسان پنهنجي جڙن کان ڌار ٿي وينداسين۔ ان ڪري ضروري آهي ته جديد ترقيءَ سان گڏ پنهنجون روايتون ۽ ورثو به بچايون، جيئن ايندڙ نسلن کي خبر پوي ته ٿر جي حياتي ڪڏهن هڪ سادي ڪاٺي جي ڦيٿي تي هلندي هئي۔


تبصرا
تبصرو لکو