News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب شخصيت

کٻڙ چانگ شڪايت ڪنھن سان ڪري



کٻڙ چانگ شڪايت ڪنھن سان ڪري
امير منڌرو
22 Feb 2026

views 268

 

 

 

هو هاڻي صبح ٿيندي  پيادو پيادو، اٺ ڪلوميٽر پنڌ ڪري امير شاھ سم نالي وارو روڊ وٺي بدين گولاڙچي روڊ تائين پهچي ٿو.اتان کان ڪنهن سواري ۾ چڙهي انهي گولاڙچي شهر م پهچي ٿو، جتي هو پنهنجو ماضي تلاش ڪندي ڪندي، لڙي شام ڌاري واري واپس وري ٿو.

هن مون کي ٻڌايو ته "فاضل راھو کان پوء شهر ويران آهي."

ويران شهر جي خالي گهٽين ۾ پاڻ ڳوليندڙ انهي  انقلابي شاعر کٻڙ چانگ جي شريانين ۾ شور پيدا ڪندڙ شاعري  ڪنهن دور ۾ زندانن کي  زندگي بخشيندي هئي

عوامي تحريڪ جا اسٽيج هن کان سواء اڌورا لڳندا هئا ڇو ته هن  نج عوامي انداز واري شاعري  وڏيرڪي سماج کي الف اگهاڙو ڪرڻ لاء ڪافي هئي .

اهي ضيائي آمريت جا شروعاتي ڏينهن هئا، جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي ۽ سنڌ انهي انياء خلاف ٻرڻندڙ ٽانڊن جيان ڌڳي اٿي هئي.

جيل سياسي ورڪرن سان ڀرجي چڪا هئا

شهر جي چونڪن تي سرعام ڪارڪنن کي ڦٽڪا لڳي رهيا هئا.

بينظير پي ء جي شهادت جو درد کڻي بن بن بين وڄائي رهي هئي، انڪلس نڪاح نامن ۽ معافي نامن تي صحيحون ڪري ڀڄي رهيا هئا. هي انهي دور جي جو شاعر آهي، جڏهن شعور سرڪاري چيڪن جي ٻڙين تي ڇيرون وڄائڻ بدران هٿڪڙين جي جهنڪار تي رقص ڪرڻ کي اعزاز سمجهندو هو..

گولاڙچي جي ڳوٺ لورهاڏ ۾ ٻڪريون چاريندڙ کٻڙ چانگ جي من اندر جي دنيا ۾ کاٽ ته ڪن  نوخيز نگاهن پهرين هڻي ڇڏيو هو پر شاعري جا شعلا تڏهن ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ بڻيا جڏهن هن جي پهرين نگاه فاضل راهو تي پئي.

راهوڪي جي هاري ڪانفرنس ۾ هن کي خبر پئي ته زمينن جو اصل وارث ته هاري آهي، جو  کيڙي سو کائي وارو فلسفلو هن جي دماغ ۾ ڌڪ ڪري ويو..

ٻڪريون چاريندڙ کٻڙ چانگ راهوڪي مان موٽندي ئي  ،تر جي وڏيري کي هلندڙ بٽئي ۾ لٺ ڏيکاريندي چيو ته "فاضل چئي ٿو بٽئي جو پورو اڌ هاري جو ٿيندو، سو هتي پڙ تي حساب چڪتو ڪر."

هن ڪو به داس ڪيپيٽال ۽ ڪميونسٽ مينيفيسٽو پڙهڻ کان سواء ئي مروج وڏيرڪي نظام کي چينلينج ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.

وڏيرو انهي اوچتي انقلاب تي حيران هو ته اها زبان ۽ جرائت اوچتو ڪٿان اچي ڪڙڪي آهي.

هن ترائي ٿاڻي تي گهوڙي ڊوڙائي ،جمعدار سهڪندي سهڪندي پهتو.اھو ساڳيو جمعدار جيڪو اڪيلو ايندو هو ته سڄو ڳوٺ واڙي ويندو هو، سو انهي ڏينهن کٻڙ جي سامهون لاچار بڻجي ويو، جڏهن هن کيس للڪاريندي چيو هو ته "جي فاضل راهو جو نالو ٻڌو اٿئي ته پوء مون ۾ سوچي سمجهي هٿ وجھجان

"فاضل اسان جو ڏڍ هو ،فاضل اسان جي لٺ هئي، اسان جو ڏڍ شهيد ٿي ويو "

هو جهيڻي آواز ۾ اکيون اگهندي پنهنجي هانء جو حال ٻڌائي ٿو.

کٻڙ چانگ جنهن جمهوريت جي روشن صبح خاطر، گولين جهڙا گيت چيا سو کٻڙ هاڻي انهي جمهوريت جي" سنڊي مارڪيٽ "۾ هڪ وڃايل ٻار جيان اڪيلو ۽ اوپرو بيٺل آهي..

بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري ، کٻڙ چانگ جي کيسي ۾ پيل  ڪلچر کاتي نالي وظيفي جي درخواست به سسٽم سامهون سرينڊر ڪرڻ جي علامت آهي پر انهي مٿان اها عطا اڃا نه ٿي سگهي آهي.

هن جي نظر جھڪي ٿي وئي آهي، بيمارين هن کي وڪوڙي ڇڏيو آهي، ڪنن کان مڪمل ٻوڙو ٿي ويو آهي، گهر مٿان بک ۽ بيمارين جو برڙ باڪاس لامارا ٿو ڏئي ۽ "ڪو فاضل راهو اچي کيس آٿت ڏيندو" اها اميد هاڻي هڪ خواب بڻجي چڪي آهي.

اھا شاعري جيڪا کٻڙ چانگ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڏينهن ۾ ڪئي هئي سا سندس يادگيرين تان آهستي آهستي مٽجي رهي آهي، سندس ڪو به ڪتاب نه ڇپجي سگهيو آهي، انڪري اهو پڪو امڪان آهي ته انقلابي شاعري جو اهو ذخيرو نيٺ ضايع ٿي ويندو

اڄ به جيڪڏهن کٻڙ چانگ سان ملڻ هلجي ته کيس سڄو ڏينهن انڪري ڳولڻو پوندو جو هن پاڻ پنهنجي پاڻ کي ڳوليندو ٿو رهي، هن جي ڪا به ائڊريس ناهي، هن جو ڪو موبائل نمبر ناهي.

کٻڙ چانگ کي ڪو ڳولي به ڇو؟ هن کي ڪير سرڪاري محفلن ۽ مشاعرن ۾ به ڇو گهرائي.؟

ڇو ته سندس شاعري ۾ قصيدا نه پر وڏيرڪي ۽ سرمائيداري سسٽم لاء دانگي آهي.

 کٻڙ چانگ نظام جي شڪايت ڪنهن سان ڪري، هن کي ڪو به فاضل نظر نه ٿو اچي. 



تبصرا
تبصرو لکو