ڳالھ جو مُنڍ اِتان ٿا پڪڙيون تہ،
پاڪستان ۾ 119 يونيورسٽيون فيلسوفيءَ ۾ ڊاڪٽر ھجڻ جي ڊگري عطا ڪن پيون. ھڪڙي ڪاٿي موجب
ملڪ اندر فلاسفر ڊاڪٽرن جو انگ 32 ھزارن کان چڙھي ھليو آھي. اِھا ٻي ڳالھ آھي تہ
پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري سڀ ڪو پيو ڪري. ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ دوست ٻڌايو تہ ”انتھائي
خوشحال ڪاروباري گھراڻي جي ھڪ نينگريءَ جيڪا سرڪاري نوڪري پئي ڪري تنھن پي ايڇ ڊي
شاگرد طور ھڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ڪرائي آھي، تہ جيئن پگھار ۾ چوکو اضافو ٿي
سگھيس، مگر تحقيق جو طريقو ۽ تحقيق کي لکڻ جو ھنر کيس بنھ ڪو نہ پيو اچي، تنھن ڪري
پنج لک روپيا ڏئي تحقيقي مقالو لکرائي رھي آھي“. مزي جي ڳالھ تہ پيسن عيوض مقالا
لکي ڏيڻ وارا ھَڪيا تَڪيا موجود آھن، جيڪي پاڻ پي ايڇ ڊي ناھن ڪري سگھيا! پر پيسن
خاطر مقالا لکن پيا. ۽ سي مقالا قبول بہ ٿين پيا. اڳ ٻڌو ھئوسين تہ ڪي مزدور شاعر،
حسين عورتن کي شاعرہ طور جيئڻ خاطر شاعري لکي ڏيندا آھن. مزدوريءَ ۾ ڇا وٺندا آھن
سي قصا ٿي سگھي ٿو وڏي واڪي بيان نہ ڪري سگھجن. نالي چڙھيل صحافين کي خبرون بہ
لکجي ملندون آھن، ايئن جيئن ڪنھن زماني ۾ عريضي نويس ماڻھن کي خط پَٽَ ۽ درخواستون
لکي ڏيندا ھئا. مارَ پوي سوشل ميڊيا کي جنھن صورتخطيءَ، ٻوليءَ ۽ لکڻ جي مھارتن تي
راتاھا ھنيا آھن. عريضي نويسن جي صورتخطي،
گرامر ۽ لفظن تي پَڪَڙ وري بہ سُٺي ھوندي ھئي.
پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري ڪجھ بہ ھجي
يونيورسٽييون ھڪڙو مسلسل پڙھڻ ۽ لکڻ وارو عمل ڪرائي ڏين پيون. فلاسفر ٿيڻ جي جاکوڙ
ڪرڻ وارا جيڪا تحقيق ڪندا رھندا آھن ان جي مستنَد ھجڻ جي پَڪَ وٺڻ جا پابند ھوندا
آھن. اھڙي پَڪَ کين يونيورسٽيءَ پاران منعقد ٿيندڙ سيمينار ۾ تحقيق جا تفصيل پيش
ڪري وٺڻي ھوندي آھي. صورتحال مگر ھيءَ آھي تہ انھن تحقيقي سيمينارن ۾ شرڪت ڪندڙن
جو انگ نہ ھجڻ جي برابر رھي ٿو. سيمينار ڪرائڻ لاءِ ذميوار بڻايل ماڻھو زبردستي
ڪجھ ماڻھو وٺي آڻي ويھاريندا آھن جيڪي ڦوٽو نڪرڻ ۽ وڊيو ٺھڻ کان پوءِ ھليا ويندا
آھن. ھن ڳالھ کي ھتي بيان ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ ڪنھن کي بہ تحقيق ۽ مستند تاريخي
ترتيب ڏيڻ واري ڪم سان ڪا دلچسپي نہ آھي. انھن فردن کي بہ نہ، جيڪي سڄو ڏينھن
پِٽِڪو پيا ڪندا تہ ويجھڙائيءَ واري تاريخ بہ غلط پئي لکجي ۽ ڪچا حوالا ڪتابن ۾
شامل ٿيندا پيا رھن. بس مڙئي فيس بڪ پوسٽ لکڻ لاءِ رڙيون پيون ٿين، جھڙيون جعفر
ڪيون ھيون بگھڙن جي باري ۾.
سياست جي قسمن بابت گھڻو غور فڪر
نہ ٿا ڪيون جو ارتقا ماڻھن جا ئي بَکِيا اُڊيري ڇڏيا آھن سياست جي شبيھ تي رنگَ
گھڻا ھارِجي چڪا آھن. مگر ڪي شخص ھئا، جي وارو وڄائي ويا، تن سرڪار جون يا سيٺين
جون نوڪريون ڪري گھر ٻار سنڀالڻ بجاءِ، سياست جي عشق ۾ گھر ٻار رولي ڇڏيا ۽ سُولين
تي ٽنگجي ويا. سياست ڪُل وقتي ٿيندي ھئي، چئبو تڏھن بہ اھو ھو تہ قوم ۽ وطن جي عشق
۾ سياست ٿِي. اسيمبلين تي مگر نظر ڦيرايو تہ اھڙا بہ اتي ويٺا آھن جن صرف ۽ صرف
نظريو تبديل ڪيو تہ سندن گھر جون ڀتيون اوچيون اھڙيون ٿيون جھڙيون محلن جون ھجن،
سندن ڪپڙا شاھاڻا ۽ سندن چھرا مالشن وسيلن ملائم ٿيندڙ چھرن جھڙا ٿي پيا آھن. سياست
ٿئي پئي مگر محور شايد نہ قوم آھي ۽ نہ ئي وطن. ھوشربا نعرا آھن پر انھن جو طلسم
بہ بي اثر آھي. ڪنھن زماني ۾ انھيءَ سياست جيڪا قوم ۽ وطن لئہ ھئي ان مٿان سختيون
وڌيون تہ ”جشن لطيف“ ٿيندا ھئا. جن ۾ شاعريءَ ۽ ادبي صنفن وسيلي سياسي سجاڳي آڻڻ
جا جَتَن ٿيندا ھئا. وقت جي پلٽي اھي جشن بہ خاتمي تائين پُڄايا، شايد اھي جشن
جيڪي آخري آخري ٿيا تن ۾ شرڪت ڪندڙن جو تعداد بہ ٿورو ٿيندو پئي ويو.
ايئن جيئن ڪنھن زماني ۾ سنڌي زبان
اندر ڏاڍا سھڻا ۽ سگھارا ميگزين نِروار ٿيندا ھئا. اڪثر مضمون قومپرست سياست بابت
باقي ڪھاڻين، آتم ڪٿائن، ادبي تنقيد، ترجمي ۽ شاعريءَ سان ٽِمٽار رھندا ھا ۽ نَوَن
لکندڙڻ کي پڙھندڙن آڏو پيش ڪندا ھئا.
ميگزينن جي رومانس ۾ وقت گذرڻ سان ٻاڙائي ايندي رھي ۽ آخر اھي بہ مري کپي
ويا. ھاڻي سڀ ڪو ايڊيٽر جي منظوريءَ ۽ اصلاح کانسواءِ فيس بوڪ تي جيئن وڻيس پيو
لکي. قابليت محض اھا بچي آھي تہ موبائل ھجي ۽ ان ۾ سنڌي ڪي بورڊ ھجي، ڪڏھن ڪڏھن ڪو
شعر يا ڪھاڻي، يا بلاگ لکجي ۽ باقي يارنھن مھينا ڪردار ڪُشي ڪندو رھجي اھو آھي اڄ
جو حساب ۽ ڪتاب. مستند معلومات ڪير بہ وٺڻ ئي نہ ٿو چاھي بس چار پوسٽون ڏسي بندوق
ڀري ۽ پوسٽ جي صورت ۾ ڇوڙڻي ئي تہ آھي. ادبي ميلن جي حوالي کان گذريل ڏينھن ۾
پھريان بَڻِشِين جھڙا ٺَڪاوَ، پوءِ ڪارتوسي بندوقون جھڙا ڌَڌِڪا ۽ آخر ۾ ٿوريون
ٿوريون توبون بہ ڇُٽيون تہ فيسٽيول ماڻھن جو ڌيان نہ پيا ڇڪرائن.
جرمنيءَ جي شھر ۾ ھڪڙي ادبي
فيسٽيول لاءِ جرمن لکن پيا تہ اھو پنج سو سالن کان ٿي رھيو آھي. پوري دنيا ۾ اھميت
وارا ۽ جن کي سٺو مڃيو پيو وڃي سي سئو کان مٿي فيسٽيول آھن جيڪي گھڻن سالن کان
مسلسل ٿي رھيا آھن. سڀ کان گھڻا فيسٽيول آمريڪا ۾ ارڙنھن، ٻئي نمبر تي ڀارت ۾
چوڏنھن ٿي رھيا آھن. ڀارت جو جئپور فيسٽيول سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. آسٽريليا جي
آرٽس ڪائونسل سڊنيءَ ۾ ٿيندڙ ادبي ميلو ھر سال منعقد ڪرائيندي آھي. ان ميلي ۾ سڄي
دنيا جي نالي چڙھين لکارين ۽ سماج سڌارڪن کي جھازن جون ٽڪيٽون ڏئي، ھوٽلن ۾ رھائي
ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو ويندو آھي. انھن ميلن لاءِ گھربل پيسا ھٿ ڪرڻ لاءِ امير
ماڻھن کان چندو، وڏين ڪمپنين کان اشتھار ورتا ۽ فيسٽيول جي ڪجھ سيشنز جون ٽڪيٽون
وڪرو ڪيون وينديون آھن. حڪومتون بہ ذميوار آھن تہ ادب، نظرياتي بحث ۽ انسانن سان
لاڳاپيل تازہ ترين معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪرائڻ خاطر ادبي ادارن جي مالي مدد ڪن. ھزراين ماڻھن پنھنجي خرچ تي انھن ميلن ۾ پري جا
پنڌ ڪري ايندا آھن.
پاڻ وٽ پھريون فيسٽيول 2010 ۾
ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي نالي ھيٺ ٿيو. ان کان متاثر ٿي، سنڌ لٽريچر فيسٽيول،
حيدرآباد لتريچر فيسٽيول، صوفي ميلو، اياز ميلو، گھوٽڪي لٽريچر فيسٽيول، لاڙڪاڻو ۽
خيرپور لٽريچر فيسٽيول بہ ٿي چڪا آھن. پھرئين ڏينھن کان ئي ڪجھ فرد انھن ميلن جا
مخالف ٿيا، موقعو ملڻ تي حامي ٿيا ۽ ٻيھر وارو نہ اچڻ تي پوسٽن جي مارَ ڏيندا رھن
ٿا. دليل اھو رھيو آھي تہ ادبي ميلن جو ڪارِج ناھي سو عوام ڪو نہ پيو اچي. حيرت
اھا آھي تہ پاڻ بينظير انڪم سپورٽ واري زماني جا ماڻھو آھيون. پيسا ھجن ھر ھڪ لاءِ
تہ سڀڪو پَلِٽجي پوندو. باقي ڪارج تہ پي ايڇ ڊيز جو بہ آھي صرف ان انسان لاءِ جيڪو
پاڻ پنھنجي پگھار ۾ الائونس لڳرائڻ چاھي ٿو، پوءِ سندس تحقيق جو ڪارج ھجي يا نہ. ادبي
فيسٽيول اسان جو آئيڊيا ئي نہ آھي، جن جو آئيڊيا آھي اھي انھن فيسٽيولز تہ ٺھيو
پنھنجين پي ايڇ ڊيز جي، نظرين جي، پنھنجي وطن جي ۽ قوم جي بہ مالڪي پيا ڪن. اسان
تہ بس پنھنجي مطلب جا مالڪ آھيون. سو اسان جي تنقيد بہ اسان جي مطلب واري آھي.