News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب بلاگ

دنيا ۾ اسرندڙ نيون ادبي صنفون ۽ اسان



دنيا ۾ اسرندڙ نيون ادبي صنفون ۽ اسان
ممتاز بخاري
27 Feb 2026

views 115


دنيا ۾ ٽيڪنالاجي واري ترقي ڪنهن سرڪش گهوڙي واري ڊوڙ کان به چڙهي وئي آهي. ان جو اثر ادب، آرٽ ۽ صحافت سميت سوين شعبن تي پئجي رهيو آهي. هتي ٻين شعبن کي ڇڏي جيڪڏهن رڳو ادب جي ڳالهه ڪجي ته نوان اصطلاح توڙي صنفون سامهون اچي رهيون آهن. پر اسان انهن کان گهڻو پري آهيون. انهن مان ٻن تي هت ڳالهه ڪيون ٿا جيڪي سائبرپنڪ (Cyberpunk) ۽ سولرپنڪ (Solarpunk) آهن. اهي ٻئي ادبي صنفن جي شڪل اختيار ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو بنياد ٽيڪنالاجي ئي آهي.

سائبر پُنڪ: سائبر پنڪ Cyberpunk طور لکجندڙ افسانوي ادب ۾ ڊيسٽوپيائي دنيا جي شڪل ڏيکاري پئي وڃي ۽ ٽيڪنالاجي جي خوفناڪ شڪل ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪري ٿي. هونئن ته ڊيسٽوپين ناول يا ڪهاڻيون گهڻو اڳ ۾ لکيا ٿي ويا پر اهي گهڻي ڀاڱي مستقبل جي امڪاني سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي ظاهر ڪري رهيا هئا، جيئن جارج آرويل جو ناول 1984 هڪ اهڙي سامراجي دنيا کي ظاهر ڪري ٿو جيڪا ڳجهي ڪيمرائن جي نظام کي ظاھر ڪري ٿو جيڪي ڳجهي نموني سان لڳل آهن. پر جڏهن اهو ناول آيو تڏهن اهڙو ڪو به نظام نه هو ۽ ايئن ايڇ جي ويلز جي افسانوي ادب ۾ اسٽاروار موضوع هو پر ان وقت ان جو وجود نه هو پر بعد ۾ آيو. ان ڪري ڊيسٽوپيائي ادب ۾ امڪاني توڙي موجود سائنس کي اظهاريو ٿو وڃي، پر سائبر پنڪ اهڙو ڊيسٽوپيائي ادب آهي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي اها مشيني ٽيڪنالاجي افسانوي زندگيءَ ۾ آندي ٿي وڃي جيڪا درحقيقت مٿاهين درجي واري موجود آهي يا ان تي ڪم ڪيو پيو وڃي يا وري ان جو واضع تصور موجود آهي. پر ان لاءِ جيڪا زندگي يا سماج ڏيکاريو وڃي ٿو اهو انتهائي بگاڙ جي شڪل ورتل آهي. پر هر طرح جي ٽيڪنالاجي موجود آهي. ان حوالي سان سڀ کان گهڻو نالو ويهين صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ آيل وليم گبسن جي ناول Neuromancer جو آهي. پر هلندڙ صديءَ دوران 2025ع ۾ مڪانا ياماموٽو Makana Yamatoto جي ناول سائبرپنڪ ناول Hammajang Luck به سٺو نالو ڪڍيو آهي. جڏهن ته نندي اوڪرافار Nnedi Okorafor جو ناول پنهنجي نالي Death of Author جي ڪري به مشهور ٿيو آهي، ڇو ته رولان بارٿ جي هڪ ادبي ٿيوري به ان حوالي سان موجود آهي. عام ڊيسٽوپيائي ادب ۾ زندگي ۽ احساسن جو گهڻو حصو آهي پر هن صنف ۾ مٿاهين ٽيڪنالاجي جي بنيادي حيثيت هوندي آهي. ان ڪري ڪازائو ايشيگورو جي ناول Klara and Sun کي ڊيسٽوپيائي ته چيو ٿو وڃي ۽ ان ۾ ڪلارا هڪ آرٽيفيشل فرينڊ (هٿرادو دوست) طور ته آهي پر ناول سائبر پنڪ ناهي. ايئن چئي سگهجي ٿو فلمن بعد هاڻ سائبرپنڪ صنف ڪتابن جي صورت ۾ به زور وٺي رهي آهي. سائبر پنڪ ۽ ڊيسٽوپيائي صنفن ۾ هڪ جهڙائي ان ڪري محسوس ڪئي ويندي آهي جو سائبر پنڪ جي دنيا به ڊيسٽوپيائي هوندي آهي. ان ڪري اهو ان سان گڊمڊ ٿي وڃي ٿي. ها ايئن چئي سگهجي ٿو ته ڊيسٽوپيا پيڙهيل طبقي جي هڪ وسيع دنيا آهي ۽ سائبر پنڪ جي هاءِ ٽيڪ هڪ اونهي ۽ گهري ڇانوري ۾ ورتل مخصوص دنيا آهي.

سولرپنڪ: پر سائبر پنڪ جي ڀيٽ ۾ سولر پُنڪ Solar Punk هڪ روشن ۽ اميدن ڀري دنيا آهي. هي به اڄ جي ادب ۾ هڪ نئين صنف جي شڪل اختيار ڪري رهي آهي. جيئن نظريا ۽ لاڙا هڪ ٻئي جي ڪُک مان يا ردعمل ۾ ايندا رهن ٿا ايئن ادبي صنفون يا موضوع توڙي لاڙا به هڪ ٻئي جي ڪُک مان تڪرار جي نتيجي ۾ اڀري اچن ٿا. سولر پنڪ به يوٽوپيائي خيال مان متاثر هڪ نئين ادبي صنف طور سامهون اچي پئي. جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها ادب ۾ ھجڻ ۽ نه هجڻ واري امڪان جي يوٽپيائي سائي سرسبز ماحول واري دنيا جو تصور ڏئي رهي آهي. هن صنف ۾ ماحولياتي ادب جو به رچاءُ شامل آهي. پر فرق اهو ته هن ادب سائنس ۽ فطرت جو پاڻ ۾ گهرو ڳانڍاپو آهي. ٻئي گڏجي فطرت کي بچائين ٿا ۽ ان کي سنوارين ٿا. ان ڪري هن صنف کي شمسي نطام سان ڳنڍڻ لاءِ سولر طور بيان ڪيو ويو آهي يعني اهو توانائي لاءِ ان نظام کي ڪتب آڻي فطرت کي ٻي مشيني ۽ گدلاڻ ڦهلائيندڙ شين کان پري رکڻ واري پاسي کي اظهاري رهيو آهي. اهڙي سولر پُنڪ جي هڪ يوٽوپيائي دنيا بيڪي چيمبرس Backy Chambers جي ناول A Psalm for the Wild-Built ۾ موجود آهي، گوگل سرچ انجڻ موجب اهو ناول هي ناول پڙهندي توهان کي اهڙو تصور پيدا ٿيندو ڄڻ توهان هڪ پر امن خواب ڏسي رهيا آهيو. هن ۾ هڪ روبوٽ اسان جي دنيا ۾ انتهائي ميٺ سان صرف هن سوال جي ڳولا ۾ آيل آهي ته ”انسان کي اصل ۾ گهرج ڪهڙي شئي آهي؟“

سولر پُنڪ صنف کي ”يوٽوپيائي خواب“ به چيو وڃي ٿو. ايئن جيئن آرڪيالاجسٽ اينڊريو رابنسن سنڌو سڀيتا بابت مجموعي ۽ خاص مهين جي دڙي بابت هڪ مضمون  The Forgotten Utopia لکيو، جنهن ۾ مهين جي دڙي واري زندگي کي هن هڪ حقيقي يوٽوپيائي زندگيءَ وارو انسان دوست شهر ڪوٺيو آهي، هن موجب ۾ حيرت انگيز طور تي ست سو سال جي عرصي ۾ ڪي جنگ جا آثار ئي ناهن مليا. جيتوڻيڪ اهو تحقيقي مضمون آهي پر اڄ جي دور ۾ يوٽوپيائي دنيا اندر سولر پنڪ هڪ ادبي صنف اڀري رهي آهي. جيئن ڊيسٽوپيائي ۽ سائبر پُنڪ ۾ واضع فرق آهي تيئن يوٽوپيا ۽ سولر پنڪ ۾ به چٽو فرق آهي. يوٽوپيا ۾ ڪنهن به سماج يا زندگيءَ لاءِ ٽيڪنالاجي هڪ خيالي فڪر آهي، جيڪو فلسفي کان شروع ٿي هڪ آس توڙي اميد جو بيان آهي. سولر پنڪ صنف ۾ ٽيڪنالاجي وسيلي دنيا بدلجي رهي هوندي آهي ۽ ان بدلاءُ لاءِ ٽيڪنالاجي ۾ به نت نيون تبديليون ٿي رهيون هونديون آهن. اميد جنم وٺي رهي هوندي آهي پر ان جو بنياد ٽيڪنالاجي هوندي آهي ۽ يوٽوپيا ۾ هڪ تصور هوندو آهي.

سو ايئن چئي سگهون ٿا ته ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ڊاسٽوپين ۽ يوٽپين دنيائون انهن اڀرندڙ ادبي صنفن ۾ داخل ٿي رهيون آھن يا اهي انهن ۾ داخل ٿي رهيون آهن.

پر اهي هاء ٽيڪ موضوع سنڌ جي اهڙي سماج ۾ ڪيئن اچن جيڪو ٽيڪنالاجي ۾ انتهائي پوئتي پيل آھي. اسان ته ساءِ فاء  (سائنسي) ادب به شايد ئي سمجهي سگهيا آھيون. اها ڳالهه جديديت پڄاڻ مايوسي جي شڪل ضرور وٺي ٿي پر سولرپنڪ وانگر اميد جو رستو به وٺي سگهجي ٿو. سنڌي ادب ۾ جديد موضوعن يا صنفن توڙي تجربن بابت هڪ ڳالهه ته لازمي آھي ته اسان کي نصابي سرگرمين ۾ ادب سان سلهاڙ ڪرڻي پوندي تڏهن فطري تخليقي صلاحيت جا جوهر ان سان سلهاڙجي ويندا. گڏوگڏ اسان کي فڪري معيار به وڌائڻا پوندا ۽ اوس انهن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.

 


تبصرا
تبصرو لکو