News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
ادب بلاگ

ريهڙي ڳوٺ ملير: فطرت جي حسناڪين کان منشيات جي الميي تائين



ريهڙي ڳوٺ ملير:  فطرت جي حسناڪين کان منشيات جي الميي تائين
اقبال ھاليپوٽو
02 Mar 2026

views 315

 

 

اسان جو قافلو جڏهن ڪراچي صدر جي روشن، ويڪرن ۽ خوبصورت روڊن، شاندار عمارتن کان ٿيندو قائدآباد کان ملير طرف وڌڻ لڳو ته شهر جو منظر آهستي آهستي تبديل ٿيندو ويو، جديد عمارتن ۽ منظم ٽريفڪ واري ماحول کان نڪري ٽٽل روڊن، کليل گٽرن، ڪچي آبادين ۽ بنيادي سهولتن کان محروم علائقن ڏانهن سفر ڪندي اهو احساس شدت سان پيدا ٿيو ته هڪ ئي ميٽروپوليٽن شهر اندر ٻه الڳ دنيائون آباد آهن. ريهڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ئي ماحول جي بي ترتيبي ۽ سماجي افراتفري واضح محسوس ٿي، اسان پنهنجي مقامي ميزبان جو انتظار ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڳوٺاڻو اسان کي سوڙھين گهٽين مان وٺي آواز آگاھي سينٽر ڏانهن روانو ٿيو، انهن گهٽين مان گذرندي نوجوان مرد، عورتون ۽ ٻار وڏي انگ ۾ نظر آيا جن مان ڪيترائي نشي جي حالت ۾ نظر اچي رهيا هئا، ريهڙي ڳوٺ جي سوڙهين گهٽين مان گذرندي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ڪنهن سائوٿ انڊين مووي جو ڪو سين هجي.

 ڳوٺ جي آخري ڇيڙي تي پهچندي سمنڊ جو نيرو پاڻي ۽ تمر جا ٻيلا پنهنجي فطري حسن سان هڪ شاندار منظر پيش ڪري رهيا هئا، اهو تضاد حيران ڪندڙ هو ته اهڙي خوبصورت جغرافيائي هنڌ تي آباد هي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم ۽ سماجي مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، ايئن لڳو ڄڻ ترقيءَ جي وهڪري مان هن علائقي کي ڄاڻي واڻي پري رکيو ويو هجي.

هڪ گهر اندر قائم آواز آگاھي سينٽر ۾ داخل ٿيندي ئي معلوم ٿيو ته وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ مرد اڳ ۾ ئي موجود هئا، اسان ٻن گروپن ۾ ورهائجي ڪميونٽي اسڪور ڪارڊ جي طريقيڪار تحت ڳالهيون شروع ڪيون ته جيئن مقامي ماڻهو پاڻ پنهنجن مسئلن جي سڃاڻپ ڪن، انهن جا سبب بيان ڪن ۽ حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي سوچ ويچار ڪن، تعليم، صحت، صاف پاڻي، نيڪال ۽ روزگار، گهريلو تشدد، ننڍي عمر جي شادين جهڙا مسئلا سامهون آيا پر هر بحث آخرڪار منشيات جي مسئلي تي اچي ختم ٿيو، خاص طور عورتن وڏي درد سان ٻڌايو ته سندن گهر تباهه ٿي رهيا آهن، مڙس، پٽ ۽ ڀائر نشي جي لت ۾ ڦاسي ذميوارين کان پري ٿي ويا آهن، گهريلو تشدد، معاشي بحران ۽ ٻارن جي تعليم تي منفي اثر عام ٿي چڪا آهن؛ ڳوٺ ۾ هيروئن، آئس، ڪچي ٺري، چرس ۽ سمڊ بانڊ سميت مختلف قسمن جا نشا آساني سان دستياب آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي ماڻهو هاڻ انهي منشيات کي نشو ئي نٿا سمجهن، خاص طور سمڊ بانڊ جهڙو سستو ۽ آساني سان ملندڙ نشو ٻارن ۽ نوجوانن ۾ عام آهي جيڪو سندن صحت ۽ ذهني واڌ ويجهه تي تباهه ڪندڙ اثر ڇڏي رهيو آهي.

عورتن ٻڌايو ته ڪيترائي نوجوان والدين تي دٻاءُ وجهندا آهن ته جيڪڏهن سندن شادي جلد نه ڪرائي وئي ته هو نشي ڏانهن ويندا، جنهن خوف سبب ڪيترائي والدين ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ تي مجبور ٿين ٿا، اهڙي طرح منشيات جو مسئلو سماجي روايتن، غربت ۽ بي روزگاري سان ڳنڍجي هڪ پيچيده بحران جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.

ان دوران اسان ساڳئي علائقي ۾ قائم هڪ Rehabilitation Center پڻ وزٽ ڪيو جتي وڏي عمر جا مرد، نوجوان ۽ ٻار گڏ علاج هيٺ هئا، ماحول ڪنهن حد تائين قيد جهڙو هو ۽ اهو پڻ واضح هو ته علاج رڳو هڪ مرحلو آهي، اصل چئلينج انهن کي واپس ساڳئي ماحول ۾ وڃڻ کان پوءِ ٻيهر نشي کان بچائڻ آهي ڇاڪاڻ تہ ڪجهه اهڙا مريض به مليا جيڪي ٻيو يا ٽيو چڪر واپس سينٽر آندا ويا هئا. ڪجهه مريضن ٻڌايو ته هو شوق، تجسس يا دوستن جي اثر سبب نشي ڏانهن ويا جڏهن ته ٻين بي روزگاري، مايوسي ۽ گهريلو مسئلن کي سبب قرار ڏنو، انهن ڳالهين مان ظاهر ٿيو ته منشيات جو مسئلو رڳو فردي ڪمزوري نه پر سماجي ۽ معاشي حالتن سان جڙيل آهي؛ ڪميونٽي سان تفصيلي بحث مان جيڪي بنيادي سبب سامهون آيا تن ۾ بي روزگاري، تعليم جي گهٽ معيار، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪمزوري، منشيات جي آسان دستيابي ۽ آگاهي جي کوٽ شامل هئا، ڪيترن ڳوٺاڻن شڪايت ڪئي ته منشيات کليل نموني وڪرو ٿئي ٿي پر اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي، جڏهن ته نوجوانن لاءِ صحتمند سرگرمين، فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا نه هئڻ سبب هو آساني سان غلط صحبت ۾ اچي وڃن ٿا.

اتي موجود ماڻهن سان ڪيل ڳالھ ٻولهه مان اهو نتيجو پي نڪتو تہ جيڪڏهن مقامي ماڻهو، سول سوسائٽي، تنظيمون ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارا گڏجي ڪم ڪن ته تبديليءَ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آگاهي مهمون جاري رهن، اسڪولن ۽ ڪميونٽي سينٽرن کي فعال ڪيو وڃي، نوجوانن لاءِ فني تربيت ۽ روزگار جا پروگرام شروع ڪيا وڃن، Rehabilitation Center  کي نفسياتي سهڪار ۽ فالو اپ نظام سان مضبوط ڪيو وڃي ۽ منشيات جي فراهمي خلاف سخت ۽ شفاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 ريهڙي ڳوٺ اسان لاءِ تجسس جو سبب بڻجي پيو ڇو ته هڪ پاسي سمنڊ ۽ تمر جي ٻيٽن جو حسين منظر هو ته ٻئي پاسي انساني زندگيءَ جو الميو، اهو تضاد اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ترقي رڳو شهر جي مرڪزي علائقن تائين محدود نه هجڻ گهرجي بلڪه هر ان وساريل گهر گهٽي تائين پهچڻ گهرجي جتي ماڻهو بنيادي حقن کان محروم آهن، ملير ڪراچي جي هن ڳوٺ ۾ وڃي نه رڳو مسئلن کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو پر اها ڳالھ پڻ سمجھ ۾ آئي ته حقيقي تبديلي تڏهن ممڪن آهي جڏهن ڪميونٽي کي ٻڌو وڃي، انهن کي فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ گڏيل ذميواريءَ سان اڳتي وڌجي، ريڙهي ڳوٺ جي ماڻهن جي اکين ۾ ھڪڙي اميد بہ نظر آئي تہ انھن مان گھڻا ھاڻ ان وبا مان جان ڇڏائڻ ٿا چاھين.

پر ان لاءِ ڪميونيٽي سميت سياسي، سماجي ۽ سرڪاري ادارن جي گڏيل ڪوششن سان منشيات جهڙي موذي مسئلي کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ هن خوبصورت علائقي کي سماجي طور به اهڙو ئي حسين بڻائي سگهجي ٿو جيئن ان جو فطري منظر آهي.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سمنڊن جا ساحلي علائقا سڄي دنيا ۾ حسن، زندگي ۽ معاشي خوشحاليءَ جا مرڪز سمجهيا ويندا آهن. جتي نرم واريءَ جا بيچ، نيري پاڻيءَ جون لهرون ۽ فطرت جا رنگين منظر نه رڳو سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن، پر انهن ذريعي مقامي آباديءَ لاءِ روزگار، واپار ۽ ترقيءَ جا در به کُلندا آهن. ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ساحلي پٽين کي سنواري، سياحتي ماڳن طور ترقي ڏئي، انهن کي خوشحاليءَ جي علامت بڻايو آهي. پر افسوس جو اسان وٽ اهڙا ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ماڳ بي ڌياني، ناقص رٿابندي ۽ عدم توجہ  سبب زوال جو شڪار بڻجي رهيا آهن. ريڙهي ڳوٺ به اهڙي ئي هڪ جڳهه آهي، جتي سمنڊ جي وسعت، تمر جي ٻيلن جي خوبصورتي ۽ فطرت جو خاموش طلسماتي جهان آهي. جيڪڏهن هن علائقي کي رڳو سياحتي ماڳ طور سنواري، بنيادي سهولتن سان آراسته ڪري، مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، ته هتان جا رهواسي نه صرف معاشي طور خوشحال ٿي سگهن ٿا، پر صحتمند ۽ باوقار زندگي به گذاري سگهن ٿا. پر وڏي ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙي حسين ماڳ کي سنوارڻ بدران بي ڌيانيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو ويو آهي، ۽ نتيجي ۾ اهو علائقو  منشيات جي اڏي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي . فطرت جنهن هن ڌرتيءَ کي حسن سان نوازيو، انساني مفادن ان کي الميي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.

 20  فيبروري جي صبح ساڍا ڏهين وڳي اسان جي ٽيم Legal Rights Forum  طرفان CARE Pakistan جي تعاون سان مهراڻ هوٽل ڪراچي کان ريهڙي ڳوٺ، ملير ڏانهن  انھي فيلڊ وزٽ لاءِ رواني ٿي ھئي. جنهن ۾ بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ ملير جون ٽيمون جن جو تعلق سماجي ادارن سامي فائونڊيشن، اويئر، ھاري ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ آئي آر سي سان ھو. ڊاڪٽر امير ابڙو جي اڳواڻي ۾  اسان جي ٽيم اھو وزٽ ڪيو ھو.

 

 


تبصرا
تبصرو لکو