ڪجهه ڪتابي يا پنهنجون ڳالهيون ڪيون ٿا ته اڄڪلهه انسان
مشين بڻجي ويا آهن، مشين ته ٻن
قسم جي هوندي آهي.
هڪ پرزن واري پيچ ۽ ميٽل سان ٺهيل بيجان مشينون، جيڪي انسانن جي مختلف ڪمن کي آسان
ڪرڻ لاءِ خاص مقصد لاءِ ٺاهيون ويون. جيڪا اسان ماڻهن ئي ٺاهيون
آهن.
ٻيو قسم مشين جو انسان آهن.
جيڪي اڄڪلهه هروڀرون مشين بڻجي ويا آهن. عام مشين ڪم ڪندي رهندي آهي. انھي وٽ زبان ناهي هوندي. عقل ناهي هوندو، شعور ناهي هوندو احساس ناهي
هوندو .
اندر نفرت ۽ محبت جو ڪو جذبو ناهي هوندو، بس پنهنجا ٽارگيٽ ۽ پئسا
ضروت جا پورا ڪرڻا هوندا آهن.
انهي جي لاءِ مشين ٿيڻو پوندو آهي .
پر ڪجهه انسان اهڙا
بـ آهن
جن وٽ عقل ته ھوندو آهي
پر استعمال ناهن ڪندا . شعور تـ ھوندو آهي پر غور ۽ فڪر ناهن ڪندا ، احساس آهي ،هرو ڀرو
اظهار ناهن ڪندا ،محبت آهي نفرت به آهي پر
پنهنجو دماغ بند ڪري سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري رڳو مشين بڻجي ويا آهن . رڳو ڪم ڪندا پيا وڃن. هاڻي ٻنهي قسم جي مشينن ۾ هڪ
شي بلڪل هڪجهڙي آهي ته نڀاڳن
ٻنهي جي ڪم ڪرڻ جي هڪ خاص ڇيڙو آهي.
جڏهن عام مشين به حد کان وڌيڪ ڪم ڪري وٺي ٿي ته ان جا پرزا
خراب ٿي وڃن ٿا. تارون
گرم ٿي وڃن ٿيون.
ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ باهه به لڳي وڃي ٿي، ته جڏهن عام مشين جو اهڙو حال ٿيندو آهي ته
اهي انسان نما مشينون جيڪي روزمره جي زندگي ۾ نظر اچن ٿيون ڪجهه سوچيو ته انهن جو
ڪهڙو حال ٿيندو هوندو.
ڪم ڪندي ڪندي انساني مشين جڏهن يڪسانيت جو شڪار ٿي وڃي ٿي .جڏهن ان جو دماغ ۽ ضمير پاڻ ۾ جڙي ان جي ٺاهيل روٽين سان جنگ شروع ڪري ڇڏي ٿي ته
پوءِ اهڙي مشين جيڪا تباهي وجهي ٿي اها پرزن واري عام مشين کان ڪيترو وڌيڪ هوندي
آهي.
ماڻهو ٿيو پنهنجي
مٿان انسانيت رکو ٿورو بيهو پنهنجي مٿان
ڪجهه غور ۽ فڪر ڪيو، زندگي جئڻي آهي. ضروري ناهي مشين ٿي وڃون. پر ٿورو وقت ڪڏهن
ڪڏهن هڪ جاءِ تي رڪجي به پنهنجي زبان سان، پنهنجي آس پاس وارن انسانن سان حال
احوال وٺجي ۽ پنهنجي آس پاس وارن کان پازيٽو انرجي وٺڻ گهرجي ٿورو کلو ٿورو کلايو
زندگي ڏانهن وري اچو، پنهنجي عقل ۽ شعور کي استعمال ڀلين ڪيو پنهنجي مٿان ٿورو
رحم ڪيو غور ۽ فڪر ڪيو پنهنجي اندر ڪم ڪيو جيڪڏهن ڪو صاحبِ ڪمال توهان جي نظر ۾
آهي ته ان جي صحبت جو حصو بڻجو جي نه آهي ته ڳولا ڪيو، جيڪڏھن اوهان ماءُ پيءُ آيو ته يار ماء پيء بڻجو مشينون نه
ٿيو نه پنهنجي اولاد کي مشين ٿيڻ جي تربيت ڏيو، اسان سڀئي پرورش کان محروم ناهيون،
کاڌو، پاڻي، کاڌو پاڻي ته جانور به پنهنجن ٻارن تائين پهچائي ڇڏي ٿو . اسان مان جيڪي
تربيت تي فوڪس رکن ٿا ۽ پنهنجن ٻارن جي پرورش سان گڏ تربيت به ڪن ٿا ماءُ پيءُ رڳو
مشين آهن ۽ مشين جي حيثيت سان کاڌو پاڻي ۽ عياشيون گهڻي مقدار ۾ ٻارن کي ڏئي رهيا
آهيون ، پر اسان جو مشين پن انهن جي ٻارن
جي شخصيت روح ڪردار سوچ عقل ۽ فهم تي ڪهڙو
اثر وجهي رهيو آهي.
اسان مان مشين جي اندر ان جي مشيني نيچر جي ڪري ان جو ڀروسي وارو عنصر به ختم ٿي رهيو آهي . هر جاءِ تي هر انسان کي هڪ ئي ماپ ۾ توريو وڃي ٿو ۽ تعلق رکيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ تعلقات مان خلوص محبت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ رڳو مطلب ۽ ضرورت تائين تعلق رهجي وڃي ٿو. انسان جيئن خود هوندو آهي. تيئن ئي ان کي سڄي دنيا نظر ايندي آهي. اهي مشين نما انسان پاڻ مشين هوندا آهن .جنهن ڪوڊ تي هو هلن ٿا . اهو ئي ڪوڊ هر ڪنهن جي اندر نظر ايندو آهي. نتيجي ۾ انهن کان اهي انسان به مس ٿي وڃن ٿا .جن سان شايد انهن جو هڪ ،خاص درد خوشي رولاڪيون گڏ گذريون هونديون ڪا موسيقي ٻڌي هوندي .جيڪي اوهان جا دوست ماڻهو انهن وٽ اها اوهان جي امانت اڃان تائين پيل آهي وڃون انهن کي ڀاڪر پايو ٽهڪ ڏيو ٻه لڙڪ هاريو.